آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ مان صدر جوبائيڊن ٻاھر ٿي ويو آھي.جنھن بعد ھن سندس نائب صدر ڪمالا ھيرس جي صدارتي اميدوار طور نامزدگيءَ جي حمايت جو اعلان تھ ڪري ڇڏيو آھي،پر ھن وقت تائين اھا پارٽي پاران نامزد ٿيل نھ آھي.جنھن ڪري ان کي حتمي نھ سمجھڻ گھرجي.ميڊيا رپورٽس موجب 81سالن جي جوبائيڊن جي صحت ۽ صدراتيءَ چونڊن ۾ تازي ٿيل مقابلي دوران ھن جي ڪارڪردگيءَ تي شديد تنقيد ڪئي پئي وئي.جڏھن تھ صدارتي اميدوار جي نامزدگيءَ جو فيصلو ايندڙ مھيني ٿيل اجلاس ۾ ٿيندو.
رپورٽن موجب آزاد آمريڪي سينيٽر جوءِ مينشن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ۽ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ شامل ٿيڻ تي پڻ غور ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جي صدارتي دوري تان دستبردار ٿيڻ جي اعلان کان اڳ جوءِ مينشن جو بائيڊن کان مطالبو ڪيو هو تھ ھوءَ صدارتي اميدوار طورنھ بيهي.ھوڏانھن جو بائيڊن سندس ئي نائب صدر ڪملا هيرس جي اميدوار طور نامزدگي جي حمايت ڪئي.
سينيٽر جوءِ مينشن مئي ۾ پنهنجي پارٽي رجسٽريشن تبديل ڪري آزاد سينيٽر بڻيو هو، ڪملا هيرس خلاف اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي غور ڪري رهيو آهي.جنھن ڪري آمريڪي چونڊن جي صورتحال خاصي دلچسپ ٿي وئي آھي.جيڪا ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي لاءِ ڳڻتي جوڳي پڻ آھي.
ميڊيا ۾ اھي رپورٽس بھ گردش ڪري رھيون آھن تھ جوبائينڊن ٻيو ڀيرو ڪورنا جو شڪار ٿي ويو آھي.
مسلسل دٻاءُ کانپوءِ 81 سالن جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سوشل ميڊيا تي پنهنجو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن صدر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کي پنهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو اعزاز قرار ڏنو. هن جو چوڻ ھو تھ منهنجو ارادو هو ته ٻيهر صدر چونڊجي وڃان پر مان سمجهان ٿو ته منهنجي پارٽي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ اهو بهتر ٿيندو ته مان عهدو ڇڏيان ۽ باقي مدي تائين صدر جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀاليان.
جوبائيڊن جو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ چار مهينا باقي آهن. ياد رهي ته صدر جو بائيڊن ڪيترن ئي هفتن کان دٻاءُ هيٺ رهيو آهي ته هو اليڪشن تان دستبردار ٿي وڃي.صدر بائڊن چيو ته هو هن هفتي جي آخر ۾ پنهنجي فيصلي بابت قوم سان وڌيڪ تفصيل سان ڳالهائيندو.
جو بائيڊن جي تازي فيصلي ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي ڏکيائي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن کي هاڻي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ ريپبلڪن ڊونلڊ ٽرمپ کي مقابلي لاءِ نئون اميدوار چونڊڻو پوندو.اهو آمريڪي تاريخ ۾ ماضي ۾ 1968 ۾ ٿيو هو جڏهن صدر لنڊن بي جانسن اعلان ڪيو ته هو ٻي مدتي لاءِ اميدوار نھ ھوندو. صدر بائيڊن پهريان ئي پنهنجي پارٽي جي نامزدگي لاءِ گهربل ووٽ حاصل ڪري چڪو هو. اهڙي صورت ۾ ڪملا هيرس جي سندس نامزدگي موجوده نائب صدر کي سڀ کان واضح اميدوار بڻائي سگهي ٿي.
بهرحال، ڊيموڪريٽڪ پارٽي هاڻي هڪ نئون اميدوار چونڊڻ جو طريقو آهي. ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ڪنوينشن 19 آگسٽ تي شروع ٿيندو، جنهن ۾ اهو به امڪان آهي ته نئون اميدوار سامهون اچي. بائيڊن جي اعلان کانپوءِ ٻئي صدارتي اميدوار جي نالي تي به غور شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي نالا سامهون آيا آهن.جنھن ۾مشي گن اسٽيٽ جي گورنر گريچن وِٽمر جو نالو به سامهون آيو آهي. ٻين ممڪن اميدوارن ۾ ڪيليفورنيا جو گورنر گيون نيوسوم، وفاقي ٽرانسپورٽ سيڪريٽري پيٽ بٽيگيگ ۽ پنسلوانيا جو گورنر جوش شيپيرو پڻ شامل آهن. ڪمالا هيرس جي پارٽي نامزدگيءَ جي صورت ۾ ذڪر ڪيل نالن مان ڪو سندس نائب ٿي سگھي ٿو.
آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪجهه ڏينهن اڳ اعتراف ڪيو ته هن ڊونلڊ ٽرمپ سان صدارتي بحث دوران ھن پاڻ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري آھي پر ان باوجود هن پنهنجي حامين کي يقين ڏياريو ته هو صدارتي ڊوڙ جو حصو بڻجندو.جوبائينڊن جي تازي فيصلي پارٽي کي ڪافي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو آھي.جنھن ڪري پارٽي جو جي ساک پڻ متاٿر ٿيڻ جو امڪان آھي.ساڳئي وقت ھاڻي اھو سجھيو پيو وڃي تھ صدارتيءَ چونڊن ۾ مخالف اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ سان مقابلو سخت ھوندو.
آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ مان صدر جوبائيڊن ٻاھر ٿي ويو آھي.جنھن بعد ھن سندس نائب صدر ڪمالا ھيرس جي صدارتي اميدوار طور نامزدگيءَ جي حمايت جو اعلان تھ ڪري ڇڏيو آھي،پر ھن وقت تائين اھا پارٽي پاران نامزد ٿيل نھ آھي.جنھن ڪري ان کي حتمي نھ سمجھڻ گھرجي.ميڊيا رپورٽس موجب 81سالن جي جوبائيڊن جي صحت ۽ صدراتيءَ چونڊن ۾ تازي ٿيل مقابلي دوران ھن جي ڪارڪردگيءَ تي شديد تنقيد ڪئي پئي وئي.جڏھن تھ صدارتي اميدوار جي نامزدگيءَ جو فيصلو ايندڙ مھيني ٿيل اجلاس ۾ ٿيندو.