ملڪ ۾ سياسي بنيادن تي انتظامي ادارن ۽ قانون ۽ انصاف جي مرڪزن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهي آهي . ملڪ ۾ سياسي بنيادن تي خوفناڪ ورهاڱو تيزي سان وڌي مٿين سطح تي پهچي چڪو آهي جنهن سان ملڪ جو سياسي وايو منڊل تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ پيدا ٿيل زلزلن واري ڳڻتي واري صورتحال ۾ ملڪ ۾ پيدا ٿيل اندروني ٽڪرآءِ واري حالت ۽ جمهوري سرشتي کي رد ڪرڻ واري مهم جوئي جنهن جي نتيجي ۾ملڪ جيڪو هن کان اڳ تمام وڏي معاشي گهوٽالن وارن زلزلن جي ور چڙهيل هو، هاڻي نئين قسم جي سياسي ڇڪتاڻ ۽ انتشار جو پڻ شڪار ٿي ويو آهي.
هن صورتحال ۾ وڌيڪ ڳڻتي واري صورتحال اها پڻ شامل ٿي ويئي آهي ملڪ جي آئيني ادارن، عدليا ۽ بيورو ڪريسي ۾ پڻ ساڳي ريت ورهاست ٿيڻ وارو چئوٻول عام جام ٿي ويو آهي. يقينن ملڪ عجيب قسم جي ختم نه ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۽ انتشار جو شڪار ٿي رهيو آهي جيڪو ملڪ جا بنياد ئي لوڏڻ جو سبب بنجڻ لڳو آهي. ملڪ کي لاڳو صورتحال ۾ جمهوريت پسند سياسي جماعتن جو مستقبل تمام گهڻين مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.
تازي ڳڻتي واري صورتحال سپريم ڪورٽ جي 12 جولآءِ تي سياسي جماعتن جي مخصوص سيٽن بابت ڏنل فيصلي تي ججن جي اڪثريت جي ڏنل فيصلي سان پي ٽي آءِ کي غيرمعمولي فائدو ملڻ ۽ ان حق ۾ آيل فيصلي سان ان کي سياسي حمايت ۽ آئين ۽ قانون کان مٿاهون ٿي هڪ ڌرجي حد کان وڌيڪ حمايت ڪرڻ جو تاثر پيدا ٿيو آهي. جنهن سان ملڪ ۾وڌندڙ سياسي خليج بعد انتظامي ۽ آئيني ادارن ۾ پڻ ڏار پوڻ واريون ڳالهيون زور ٿي ويون آهن.
سپريم ڪورٽ جي سياسي جماعتن جي اسيمبلين جي مخصوس سيٽن واري معاملي تي آيل فيصلي ۾ چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ سينيئر ججن جي اڪثريت پر فل ڪورٽ ۾ ججن جي اقليت هڪ پاسي نظر آئي جڏهن ته جونيئرججن جي اڪثريت پنهنجي ڏنل فيصلي ۾ٻئي پاسي نظر آئي. هن فيصلي تحت چونڊن ۾حصوئي نه وٺندڙ جماعت پي ٽي آءِ کي نه صرف چونڊن ۾ شامل سياسي جماعت قرار ڏيئي ڇڏيو ويو پر آزاد چونڊيل ميمبرن کي پڻ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو نه صرف وقت ڏنو ويو پر قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جي آزاد ميمبر کي پڻ پي ٽي آءِ جو حصو تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي پي ٽي آءِ خلاف آيل فيصلن کي رد ڪندي سياسي جماعتن کي ورهايل اسيمبلين جون مخصوص سيٽون پڻ ختم ڪري اهي پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو جيڪو اچرج وارو فيصلو ڏنو ويو آهي ان سان پڻ ملڪ جي سياسي وايو منڊل جو پارو بلندي تي پهچائي ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ ۾ عام تاثر اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته هاڻي سياسي ورهاست بعد ملڪ جي آئيني ادارن ۽ رياستي ۽ حڪومتي ادارن ۾پڻ سياسي بنيادن تي ورهاڱو تيز ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ ۽ خاص طور تي عمران خان جي مخصوص قسم حاصل حمايت جي حوالي سان اهي ڳالهيون ۽ چئوٻول مشهور آهن ته ڪامورن، ججن ۽ رياستي ادارن جي اهم عهدن تي ويٺل اڪثر شخصيتن کي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي حمايت ڪرڻ ۽ انهن جي حق ۾ پنهنجن اختيارن کي استعمال ڪرڻ ۽ فيصلا ڏيڻ لآءِ پنهنجي گهرن مان پنهنجين زالن، اولاد ۽ ٻين گهرڀاتين ۽ خاص طور تي نوجوانن جي دٻاءِ ۽ جنونيت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن ڪري سندن فيصلن تي پڻ اهڙي قسم جي صورتحال اثر انداز ٿيڻ واريون ڳالهيون ۽ خبرون عام جام هلي رهيون آهن.
ملڪ ۾ 2018 جي عام چونڊن ۾ جهڙي ريت کاٽ هنيوويو ۽ جهڙي ريت، چونڊن جي نتيجن جي منظم انداز ۾ نتيجابدلائي هارايل ڌر پي ٽي آءِ کي ڏنڊي جي زور تي کٽرائي عمران خان کي ملڪ جو وزير اعظم بنايو ويو. اهوپنهنجي نوعيت جو هڪ اهڙو مثال بنجي ويو جنهن جي هٿان ملڪ مان جمهوري سرشتي ۽ سياسي پارلياماني نظام جي ئي تڏا ويڙهه ڪري ملڪ جي سياسي نظام کي مستقل تبديل ڪري صدارتي نظام قائم ڪرڻ ۽ ان ريت هڪ شخص جي ذريعي ملڪ ۾سول مارشل لا لاڳو ڪرڻ واريون جيڪي هاڃيڪاريون ڪيون ويون ۽ ان مقصد لاءِ رياست جا وسيلا ۽ طاقت جو جهڙي ريت بي رحمي سان استعمال ڪيو ويو ۽ مخالف سياسي جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ، مسلم ليگ ن ۽ ٻين جماعتن کي ديوار سان لڳايو ويو ۽ انهن جي قيادت کي جيلن ۾ قيد و بند ڪري عملي طور تي ملڪ ۾ جيڪا آمريت مڙهي وئي.
ملڪ جي سياست ۽ رياست هلائڻ جي علم ۽ معاملن کان اڻ واقف ڪرڪيٽر کي سياسي جماعتن جي تڏا ويڙهه ڪرڻ ۽ انهن جي خاتمي لآءِ ڪيل ڪارروائين جي ظاهر ٿيڻ بعد ملڪ جي سياسي جماعتن ۾ پنهنجي بقآءِ جي شروع ڪيل جدوجهد آخرڪار رياستي ادارن ۾ ٿيندڙڀنڃ ڊاهه کي پڻ روڪڻ وارو ڪارگرڪم ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جي ليڊر ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب سان سندس حڪومت جو ته خاتمو ٿي ويو پر ان جي ردعمل ۾ 9 مئي وارن مشهور واقعن ۾ پي ٽي آءِجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان جهڙي ريت روڊن رستن ۽ دفاعي مرڪزن تي حملن جي قيادت ڪئي ويئي ۽ ملڪ کي باهيون ڏيڻ ۽ پي ٽي آءِ واري سياست کي بغاوت واري رستي تي وٺي اچڻ وارا جيڪي هاڃيڪار ڪم ڪيا ويا ان بعد ملڪ اڃاتائين بدگمانين ۽ بغاوتن واري سياست جي اثرن کان ٻاهر نه اچي سگهيو آهي ۽ انهن جي هاڃيڪارن اثرن ۽ نتيجن کي اڄ سمورو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي.
سينيئر تجزيانگارن جي راءِ موجب سپريم ڪورٽ پاران تحريڪ انصاف کي پارليمينٽري پارٽي طور قبول ڪرڻ ۽ مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي تي ن ليگ جي اتحادي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ردعمل ٻڌائي ٿو ته عدالتي جوڙجڪ ۾ جيستائين تبديلي نٿي اچي تيستائين اھي عمران خان ۽ ان جي جماعت کي مڪمل طور بي اثر ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگھن. وفاقي گادي واري شھر ۾ باخبر حلقا دعوا ڪري رھيا آھن ته ”جيڪي سمجھن ٿا ته گيم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آھي، اھي غلط فھمي جو شڪار آھن. حڪومت وٽ اڃا ڪجهھ پلان آھن، جن تي عملدرآمد بعد صورتحال واضح ٿي ويندي.“
يقينن حڪومت وٽ تمام گهڻا اختيار ۽ طريقا آهن جن کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني ماهرن، سياسي اڪابرن، مشيرن ۽ انتظامي نوعيت جا قدم کڻڻ ذريعي حڪومت خلاف متحد ٿيندڙ مخالفن جي اتحاد کي منهن ڏيڻ ۽ بي اثر ڪرڻ وارا سلسلا پڻ جلد شروع ٿيندي جلد نظر اچڻ لڳندا. جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي غير سياسي سرگرمين ۽ 9مئي تي ڪيل ڀنڃ ڊاهه ۽ ملڪ جي اهم مرڪزن ۽ دفاعي نوعيت جي مرڪزن تي حملا ڪرڻ ۽ باهيون ڏيڻ ۾ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ سڌو سنئون ملوث هجڻ جا ثبوت سان ڪيس داخل ٿيڻ بعد ممڪن ناهي ته هو بنا ڪنهن پڇاڻي ۽ سزائن جي بچي نڪري سگهن. اهو پڻ ممڪن آهي ته ڪيترن ئي اڳواڻن کي غداري جي ڪيسن کي پڻ منهن ڏيڻو پئجي وڃي ۽ اهي سزائڻ جو پڻ شڪار ٿي وڃن.
ٻئي پاسي، ايوانِ صدر ۾ مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. حڪومتي اتحادين وچ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات جاري رهي، نون ليگ جي قانوني ٽيم پيپلز پارٽي کي پي ٽي آءِ بابت فيصلن تي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪندي اعلان ڪيو هو ته اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل ڇهه تحت ڪيس هلايو ويندو،انهن ٽنهي جي خلاف وفاقي ڪابينا کان منظوري بعد اِهو ريفرنس سپريم ڪورٽ اُماڻيو ويندو. قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل پي ٽي آءِ تي پابندي جي حڪومتي فيصلي جي قانوني نڪتن کان آگاهه ڪيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ليگل ٽيم مستقبل ۾ انهن فيصلن جي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان تي اتفاق ڪيو ويو ته تحريڪِ انصاف جو رويو جمھوري نه آهي، پي ٽي آءِ پاڻ کي سياسي پارٽي سمجهي ٿي ته رويو به سياسي پارٽي جهڙو اختيار ڪرڻو پوندو۔ خبرن موجب اجلاس ۾ پيپلز پارٽي حڪومتي فيصلن تي پارٽي ۾ مشاورت ۽ سي اي سي کان منظوري وٺڻ لاءِ چيو ويو. جڏهن ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ پي ٽي آءِ بابت سمورا فيصلا گڏجي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ اهي پڻ اطلاع آھن ته پيپلز پارٽي مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل جي حمايت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پابندي وارو معاملو پهرين پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پارٽي مشاورت کانپوءِ پابندي جو فيصلو پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ غور هيٺ آندو ويندو.
ملڪ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۽ سياسي بنيادن تي ادارن۾ ٿيندڙ انتظامي ورهاست حڪومت ۽ سموري ملڪ کي هڪ نئين قسم جي بغاوت ۽بحرانن جو شڪار ٿيڻ واري صورتحال مستقبل جي خوفناڪ انتشار ۾ ڌڪڻ وارو منظر نامو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع آهن ته، اهڙي غير معمولي صورتحال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پڻ حڪومت سان ساٿ مضبوط رکڻ ۽ هر آئيني ۽ قانوني فيصلي سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي.