اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شفقت محمود سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سماجي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شفقت محمود لکيو آهي ته گهڻي سوچ ۽ ويچار کانپوءِ سياست تان ريٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنهنجي باقي عمر لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وقف ڪندس.شفقت محمود پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سياست کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪنهن دٻاءُ جو نتيجو نه آهي نه وري ڪنهن پارٽيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو آهي، سياست کان پاسيرو ٿيڻ جو فيصلو وقت ۽ عمر جي تقاضن سبب ڪيو آهي.اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي موقعو فراهم ڪيو، پي ٽي آءِ ۽ تڪ جي ووٽرن جو به ٿورائتو آهيان، جن ٻه ڀيرا چونڊي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.