اسلام آباد( تجزيو: رزاق کٽي) وفاقي حڪومت جي ترجمان عطااللہ تارڙ پاران ھڪ دفعو ٻيھر پي ٽي آءِ کي دھشتگرد جماعت قرار ڏئي ان مٿان پابندي ھڻڻ واري ن ليگ جي راءِ کي ورجايو آھي، سپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي جي تناظر ۾ آچر واري ڏينھن وزيراعظم شھباز شريف اڳوڻي چيف جسٽس تي سخت تنقيد ڪئي، ۽ ھڪ ڏينھن اڳ ميان نواز شريف بہ ساڳي ڳالھ ڪئي ھئي. ملڪ جي حڪمران سياسي قيادت اڌ سچ ڳالھائي نہ رڳو پنھنجي پاڻ کي شعوري طور دوکي ۾ رکي ٿي، پر ماضي ۾ ڏنل پنھنجي بيانن تان ھٿ کڻي رهي آهي. جنھن ۾ ھو چوندي رھي آھي تہ ”ووٽ کي عزت ڏيو“. پاڪستان جي تازي سياسي تاريخ ۾ اھا ڳالھ رڪارڊ تي آھي تہ ميان نواز شريف کي جڏھن عمران خان جي ڌرڻي ذريعي اقتدار جي ايوان مان نيڪالي نہ ملي سگھي تہ پوءِ پاناما ڪيس ۾ کيس نااھل ڪيو ويو، جيتوڻيڪ ان وقت جا سپريم ڪورٽ جا جج نواز شريف کي اقتدار مان نيڪالي ڏيڻ واري ايجنڊا ۾ فرسٽ ڪلاس سھولت ڪار بڻيل ھئا، پر ھاڻي اھائي موجودھ سياسي قيادت عوام کي اھو نٿي ٻڌائي تہ اھا سھولت ڪاري ڪنھن جي چوڻ تي ڪئي وئي. عمران خان جي حڪومت جي انتھائي ويجھڙائي سان مشاھدو ڪرڻ جي تجربي جي بنياد تي آئون اھا ڳالھ چئي رھيو آھيان تہ ملڪي تاريخ ۾ عمران خان واحد وزيراعظم ھو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ کي چوندو ھو تہ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کي بہ ھو پاڻ گڏ ڪري، خاص ڪري انھن ڏينھن ۾ جڏھن ڪا اھم قانون سازي ٿيڻي ھوندي ھئي يا بجيٽ جي منظوري جو عمل ھوندو ھو. ھُن کي جيڪو موقعو مليو، ھُن ان موقعي کي ضايع ڪري ڇڏيو. عمران خان پنھنجي دور حڪومت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جا جيڪي ڪم اڌ ۾ ڇڏيا ان کي ان بعد ايندڙ پي ڊي ايم حڪومت، نگران حڪومت ۽ ھاڻوڪي حڪومت تيزي سان پورو ڪري رھي آھي، پاڪستان جي سويلين اقتدار جا جيڪي ٿورا گھڻا اختيار باقي ھئا، اھي حڪومتون پاڻ ھٿن سان ڏئي رھيون آھن، اھو ئي سبب آھي تہ جنرل باجوا پنھنجي آخري تقرير ۾ سياسي حڪومتن کي طعنا ڏنا تہ ايف اي ٽي ايف کان ويندي ملڪ کي قرض ڏيارڻ تائين ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ئي ڪردار ادا ڪيو. عمران خان ذاتي انتقام ۽ اسٽيبشلينٽ جي ايجنڊا جي پورائي لاءِ سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائي ۾ آخري حد تائين ھليو ويو، ھاڻي ان جا مخالف آخري حد تائين وڃي رھيا آھن، نتيجو اھو آھي تہ سياست ۽ سياستدان ذليل ٿي رھيا آھن. عمران خان تي سنگين غداري جو ڪيس داخل ڪري پاڪستان جي سياست جي قبر کوٽڻ جي تياري ٿي رھي آھي. افغانستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي پيدا ٿي آھي، ان کي مولانا فضل الرحمان، پاڪستان جي نمائندي طور ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مولانا جي ڪابل مان واپسي جي ڪجھ ڏينھن اندر چمن بارڊر بند ڪري نہ رڳو افغان حڪومت کي ناراض ڪيو ويو پر مولانا جي پوزيشن کي بہ داغدار بڻايو ويو. جيتوڻيڪ موجودھ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف سڀ کان وڏي سياسي جماعت تحريڪ انصاف آھي، پر عمران خان جي پاليسين جي نتيجي ۾ جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي آھي، ان ۾ گھٽتائي جا امڪان تمام گھڻا گھٽ آھن، خاص ڪري گذريل ڏينھن، جڏھن مولانا فضل الرحمان ، اسلام آباد جي ايمبسي روڊ واري پنھنجي گھر ۾ چئن صحافين سان جيڪا ڳالھ ٻولھ ڪئي ھئي، ان ۾ ھِن شعوري طور تي اھا ڳالھ ڇڏي تہ پي ٽي آءِ شفاف چونڊن جي خاطري تي ڪي پي اسيمبلي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آھي، بيريسٽر گوھر فوري طور تي مولانا جي ان ڳالھ جي ترديد ڪري مولانا جي شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪيو تہ ايترو ڪجھ لوڙڻ جي باجود پي ٽي آءِ حالتن مان سبق سکِڻ لاءِ تيار ناھي. ن ليگ جيڪڏھن پي ٽي آءِ مٿان پابندي ھنئي تہ نہ رڳو ان جا نتيجا کيس ڀوڳڻا پوندا، پر ملڪ اندر بحران اڃا بہ وڌندو، ڇاڪاڻ تہ موجودھ حڪومت انتھائي ڪمزور آھي، اسٽيبلشمينٽ پاران کيس بليڪ ميل ڪرڻ گھڻو آسان آھي.