ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات باوجود شهر ۾ گرمي جو زور برقرار رهيو ۽ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته ڪراچي ۾ آچر تي گرمي پد 40.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.هن چيو ته شهر ۾ اڄ گرمي جي شدت 53 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي وئي، سامونڊي هوائن جي نه هجڻ سبب گرمي وڌيڪ محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن گهٽ هوا جو دٻاءُ برقرار رهيو ته سڀاڻي شهر جي پرڀاسي وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. سردار سرفراز جو چوڻ هو ته اڄ شام کان سامونڊي هوائون ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، سامونڊي هوائون ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. شهر جا علائقا ملير، قائد آباد، شاهه فيصل، گلستان جوهر، لانڍي آهن. ڪورنگي، ڪارساز، گلبرگ، لياقت آباد، غريب آباد، حسن اسڪوائر، ايئرپورٽ ڀرسان تيز برسات پئي.