کارسر جي ڪٽائي خلاف مزاحمت جو عهد، وسيلا وڪڻڻ نه ڏينداسين: ٿر لا ڪانفرنس

مٺي (رپورٽ:غازي بجير)ٿرپارڪر لا اسٽوڊنٽس ايسوسيئش طرفان مٺي پريس ڪلب ۾ ٿر لا ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس ۾ وڏي تعداد ۾ شاگردن، سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽  ڪارڪنن شرڪت ڪئي.ٿر لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نوجوان ليکڪ، مقرر ۽ قانون جي شاگرد ڪبير ڀيل چيو ته قانون ڌرتي ۽ وسيلا وڪڻڻ جي اجازت نٿو ڏيئي، حُڪمران عوام جي اکين ۾ سرمو وجهي وطن وڪڻي رهيا آھن، هر شھري کي قانون پڙھڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته جيئن سندن حقن ۽ ذميوارين جي خبر پوي، ڪبير ڀيل چيو ته بُنيادي حقن کي پرائمري جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن خبر پوي ته اسان جا حق ڪهڙا آھن. ڪانفرنس ۾ قانوني سجاڳي لاءِ مختلف ليڪچرارن قانون جي موضوع تي ليڪچر ڏنا. ايڊووڪيٽ خانسه وسيم چيو ته عورتون وڪيل ٿينديون ته خود هڪ اٿارٽي ٿي وينديون، وڪيل رحمان ڪورائي چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آھي، ايڊووڪيٽ احسن علي آرائين چيو ته نوجوان وڪيل وڪالت جي شعبي ۾ نواڻ آڻي رهيا آھن، ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ٿر ۾ ترقي جي نالي ۾ تباهي ٿي رهي آھي، غيرقانوني نموني سان ٿر وڪامجي رهيو آھي. وڪيل ڌنراج پالاڻي چيو ته ڪوڙين ايف آءِ آرز غريبن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، ايف آئي آر کي سمجهڻ جي ضرورت آھي. وڪيل سڀاش شرما چيو ته سٺو وڪيل وطن جو محافظ ٿي سگهي ٿو. ٿر لا ڪانفرنس ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف هڪ پينل ڊسڪشن رکيو ويو، جنهن ۾ ڪارونجهر جو ڪيس وڙھندڙ ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ، الهرکيو کوسي ۽ پونم سنگهه ڳالهايو. ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ چيو ته سنڌ حڪومت ڪارونجهر ڪٽائڻ چاهي ٿي مون توهينِ عدالت داخل ڪرائي آھي، فتح ڪمپني نه ڪارونجهر جي ٿيندي. ڪارونجهر جي محافظ الهرئي کوسي چيو ته جيستائين جيئرا آھيون ڪارونجهر کي ڪپڻ ڪونه ڏينداسين، کارسر جي رهواسي پونم سنگهه چيو ته کارسر جا رهواسي جبل جي ڪٽائي خلاف مزاحمت ڪندا، ٿر لا اسٽوڊنٽس ايسوسيئشن جي آرگنائيزر گلشن شرما آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو ، انيل ميگهاڻي ٿورو ادا ڪيو، ڪمپئرنگ جا فرض ساگر ميگهواڙ ۽ حفصه کُھاوڙ ڏنا. راحت فقير لطيف جي وائي پيش ڪئي. ٿر لا ڪانفرنس جي آرگنائيزرن  سُميت شرما، ونود پرمار، فيض  راهمون ۽ ٻين آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.