اسان جي ميمبرن تي وفاداريون بدلائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي: اسد قيصر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر الزام لڳايو آهي ته اسان جي ايم اين ايز تي دٻاءُ وجهي وفاداريون  تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايم اين ايز کي خريد ڪرڻ لاءِ وڏيون آڇون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان آئين تحفظ موومينٽ ايندڙ جمعي تي سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. هنن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) سميت ٻين سياسي پارٽين کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. اسد قيصر چيو ته سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، باني چيئرمين بشرا بي بي ۽ ٻين قيدين کي ناحق جيلن ۾ رکيو ويو آهي. اسد قيصر چيو ته اسان جي ڪارڪنن ۽ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي غير قانوني طور اغوا ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر پاران قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جا الزام رد ڪري ڇڏيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته ٻڌايو ته ايم اين ايز سان ڪير رابطو ڪري رهيو آهي؟ ڪهڙي آڇ ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.