پشاور(م ڊ) اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار حسين چيو آهي ته پهرين آمريڪا هاڻي چين کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪي پي جي عوام کي قرباني جو ٻڪر بڻايو پيو وڃي، سي پيڪ جي نالي تي امن لاءِ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن،پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا جو ڳٺ جوڙ جاري آهي، اسان ڊالرن خاطر مرڻ نٿا چاهيون،بنون جو عوام امن چاهي ٿو، هتي گڊ ۽ بيڊطالبان جي نالي تي ڇانوڻين ۾ دهشت گردن کي پناهه ڏني وئي آهي، 40 سالن کان توهان دهشت گردي خلاف ڪهڙا ڪامياب آپريشن ڪيا؟ گهرو ويڙهه واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي،