پي ٽي آءِ تي پابندي: پ پ پاران اعليٰ سطحي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي مخصوص سيٽن واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾نظر ثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري  ورتو آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ جي سينئر قيادت وچ ۾ گذريل ڏينهن ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ طئي ٿيو ته پيپلز پارٽي به سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان 12 جولاءِ جي فيصلي تي نظرثاني جي لاءِ اپيل داخل ڪندي. ذريعن چيو آهي ته پيپلز پارٽي اپيل تيار ڪرڻ جي لاءِ سينيٽر فاروق نائيڪ کي هدايتون ڏنيون آهن، امڪان آهي ته پيپلز پارٽي طرفان اها اپيل ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي. پاڪستان پيپلز پارٽي انهي اپيل ۾ سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪندي ته عدالت پنهنجي فيصلي تي نظڙثاني ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.