اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيس وڌي ويا، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو التوا هيٺ ڪيس 59 هزار کان وڌي ويا. 15 جولاءِ تائين سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو انگ 59064 هو، پهرين کان 15 جولاءِ تائين 1206 ڪيس داخل ٿيا، 481 ڪيس اڪلايا ويا، 15 ڏينهن دوران انساني حقن جي ڪنهن ڪيس جو فيصلو نه ٿي سگهيو. رپورٽ موجب هاءِ ڪورٽ جي يصلن خلاف 32 هزار کان وڌيڪ اپيلون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ يا نه هجڻ جون منتظر آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته التوا هيٺ فوجداري اپيلن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي جن جو انگ 10 هزار کان وڌي ويو آهي، جيلن ۾ موجود ماڻهن جي اپيلن جو انگ 3295 تائين پهچي ويو.