گوجرانوالا ( خاص عيوضي) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ملڪ اندر اخباري صنعت بچائڻ لاءِ ملڪ گير تحريڪ جو فيصلو ڪيو آھي پي ايف يو جي صدر افضل بٽ جي صدارت ھيٺ ٿيندڙ ايف اي سي جي اجلاس ۾ اخباري صنعت ۾ آيل بحران تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ويو ته اخباري صنعت ۾ آيل بحران ڪري ھزارين جي انگ ۾ صحافي بي روزگار ٿيا آھن ، جيڪڏھن اخباري صنعت جي ساڳي صورتحال رھي ته وڌيڪ صحافي ڪارڪن متاثر ٿيندا ۽ سندن گھرن جا چلھا ٻري نه سگھندا ، اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت جي پاليسين، اشتهارن ۾ ڪٽوتي، اشتهارن جي ادائگي جو سڌو اثر اخباري ڪارڪنن ۽ ملازمن تي پوي ٿو، اسين پنھجي صحافي ڪارڪنن جو روزگار بچائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ ھولڊرن سان گڏ ويھندا سين، سموري ملڪ ۾ اخبارون بند ٿي رھيون آھن، ھن تحريڪ ذريعي اخبارن جي ٻيھر بحالي لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي ، اجلاس ۾ اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ جي گھر ڪئي وئي.