ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر ۾ اربن فلڊنگ ڪنٽرول سسٽم قائم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هيٺانهين وارن علائقن جي نشاندهي ڪري سيورٽنل َ سسٽم کي فعال بڻائي انهن کي لياري ۽ ملير ندي جي مين سيپٽرٽنل سان ڳنڍيو وڃي.هن چيو ته سڀ کان پهريان اربن فلڊنگ کان متاثر هيٺانهين وارن علائقن جي نشاندهي ڪئي وڃي جتي سيوريج سرنگن جي ڊزائن سان گڏوگڏ الائنمينٽ ۽ آئوٽ فال پوائنٽس قائم ڪيون وڃن ته جيئن پاڻي سرنگ ذريعي لياري ۽ ملير جي مين انٽرسيپٽر سرنگ تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اربن فلڊنگ کان بچڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بلديات واري وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ميونسپل سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، سي اي او صلاح الدين، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي افضل زيدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اربن فلڊنگ جي ڪجهه اهم سببن ۾ سالڊ ويسٽ سان نالن جو بند ٿيڻ، وهڪري ۾ رڪاوٽ، انفرااسٽرڪچر جي کوٽ، وڌندڙ آباديون ۽ حددخليون شامل آهن. وڏي وزير چيو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ غير قانوني آباديون ختم ڪرڻ يا نالن جي صفائي ۽ واٽر شيڊ پلان ترتيب ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون پر ڪو به نتيجو نه نڪتو. هن چيو ته اسان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نيون سيوريج سرنگون قائم ڪري شهر مان گندي پاڻي جو بار گهٽ ڪري سگهون ٿا، جنهن سان اهو گندو پاڻي ٽريٽمينٽ پلانٽس تائين پهچايو ويندو.