ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ شاگردن ۽ پوليس ۾ چڪرين ۾ 105 ڄڻا مارجي چڪا آهن، رڳو جمعي جي ڏينهن 50 ڄڻا مارجي ويا. بنگلاديش ۾ ڇڪتاڻ سبب وزيراعظم شيخ حسينا واجد سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ڪرفيو فوري لاڳو ٿي ويو آهي. پوليس عوامي ميڙاڪن تي پابندي لڳائي چڪي آهي، بارڊر فورس کي به گهرايو ويو هو. انٽرنيٽ جي بندش باوجود معاملو ٽري ناهي سگهيو. مظاهرين ضلعي نرسنگدي ۾ جيل کي باهه ڏئي قيدين کي آزاد ڪرائي ڇڏيو. اسپتال ذريعن موجب اڌ کان وڌيڪ مظاهرين پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويا هئا. مظاهرين جي دعويٰ آهي ته پوليس ۽ عوامي ليگ جي شاگرد ونگ مظاهرين خلاف طاقت جو استعمال ڪري رهيا آهن پر حڪومت اهڙن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. حڪمران پارٽي عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري عبدالقادر موجب ڪرفيو لاڳو هجڻ سان ضرورت پوڻ تي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. ڍاڪا يونيورسٽي جي پروفيسر موجب ائين لڳي ٿو ته هر طبقي جا ماڻهو احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آهن، اها باهه ڊگهي وقت کان دکي رهي هئي. پاڪستاني پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ڍاڪا ۾ سڀ پاڪستاني شاگرد محفوظ آهن ۽ کين محفوظ جاين تي رهايو پيو وڃي. ياد رهي ته 1971 ۾ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پبلڪ سيڪٽر ملازمن جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو جنگ ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي پونئرن لاءِ مختص ڪيل آهي. شاگردن جو چوڻ آهي ته اها اڻ برابري آهي، ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن. خيال رهي ته بنگلاديش ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک نوجوان نوڪرين جي ڳولا ۾ آهن، يونيورسٽين مان پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ بيروزگاري جي شرح وڌيڪ آهي.