حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن کي سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن قرار ڏيندي ٻيھر شفاف آدمشماري جو مطالبو ڪيو آھي. آصف زرداري اقتداري مفادن لاءِ سنڌ جي قومي مفادن کي قتل ڪيو آھي. ڪوڙي آدمشماري ۾ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي شھرن ۾ اقليت ۾ ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته مدو ختم ٿيڻ بعد صرف ڪراچي ۾ آدمشماري جو مدو وڌائي سنڌ تي حملو ڪيو ويو. اسان ان وقت ئي جعلي آدمشماري کي رد ڪيو ھو. ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ کي نشانو بڻايو ويو آھي. ڪوڙي آدمشماري کي سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو رد ڪري چڪا آھن. سپريم ڪورٽ جو ڪوڙي آدمشماري، ھٿرادو ٻوڏ ۽ ڏڪار سان واسطو ناھي. ايم ڪيو ايم ۽ ھڪ مذھبي پارٽي جي چوڻ تي ڪوڙي آدمشماري مڙھي وئي. ايم ڪيو ايم کي غير قانوني پرڏيھين تي اعتراض ناھي. بھارين، بنگالين، برمين تي اعتراض ناھي، انھن کي ڪراچي ۾ ريڙھا ھلائيندڙ ۽ مزدوري ڪندڙ سنڌين تي اعتراض آھي.