خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس وارو معاملي ۾ نامزد جوابدار ڌُر جي وڪيل پاران اسد شاھه، حنا شاھه، فياض شاھه ۽ امتياز ميراثيءَ جون ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواستون واپس وٺي ڇڏيون آهن، عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪيس جا مک جوابدار اسد شاهھ، حنا شاهھ، فياض شاھه ۽ امتياز ميراثي ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن ته دھشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او امير چانگ پاران هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست تي اسٽي آرڊر وارو فيصلو نه اچڻ ڪري عدالت ٻُڌڻي 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جڏھن ته ٻُڌڻي دوران ڪيس جا فريادي فاطمه جا والدين عدالت ۾ پيش نه ٿيا ۽ جوابدار ڌُر جو وڪيل قربان ملاڻو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ جوابدارن جي ضمانت لاء ڏنل درخواستون پڻ واپس وٺي ڇڏيون. ھوڏانھن جوابدار ڌُر جي وڪيل قربان ملاڻو اي ٽي سي ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ضمانت واريون درخواستون نه هلائينداسين اڳوڻي ايس ايڇ او پاران هاءِ ڪورٽ سکر مان اسٽي آرڊر ورتل آهي جيستائين اسٽي آرڊر وارو فيصلو نه ايندو تيستائين ضمانت واريون درخواستون نه هلائينداسين.