ڪراچي ۾ فائرنگ، پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي واٽر پمپ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب سمن آباد ٿاڻي جو ڪانسٽيبل 25 ورهين جو محمد يوسف رات جي ڊيوٽي ختم ڪري پوليس اسٽيشن تي هٿيار جمع ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته واٽر پمپ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني. هو موقعي تي ئي سيني ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾  شھيد ٿي ويو، جوابدار سندس ايس ايم جي رائفل کڻي ويا، زخمي کي فوري طور تي خانگي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. پوليس قانوني ڪاروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. واقعي واري هنڌ تان 30 بور پستول جا 3 خول مليا آهن، مقتول جي پيءُ محمد حنيف ميڊيا کي ٻڌايو ته مقتول غير شادي شودا هو ۽ ساڍا 3 سال اڳ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو، هو منگھوپير جو رهواسي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.