رڳو بجليءَ ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڇا مهانگائي ناهي؟ هاڻي پيٽرول وانگي هر دوڪاندار ترن جو تيل به ترن مان ڪڍي ڄاڻي. اهي سمجهن ٿا ته ڪڻڪ جي سستي يا مهانگي ٿيڻ سان ڪجهه ناهي ٿيڻو، حڪومت ڀلي انهن کان 28 سون ۾ مڻ خريد ڪري، پر هاڻي ته اگهه اهو ئي هوندو جيڪو رياست کي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽس جي اگهن مان ڪمائي ڏئي. ان ڪري ته هاڻي ته ڪڻڪ هارين جي هٿن مان نڪري وئي آهي، هاڻي نقصان ماڻهن جو ۽ فائدو رياست جو. ۽ رياست جو اهو زمو آهي ته اهي ماڻهن کي بک نه ماريندا، پر جيستائين خلق جيئري آهي.
هيءَ رياست لڳي ٿو ته مهانگائي ڪري ٽيڪس وصولي ڪندي رهندي. رياست ته اهو طئي ڪيو آهي ته هر ٽه ماهي ۾ هي پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌارو ڪندا رهندا، ڇو ته پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻ معني حڪومت کي هرگهڙيءَ رڳو ٽيڪس ملندي رهي، وري بجليءَ 90 واري ڏهاڪي ۾ 4 کان پنج روپيا في يونٽ هئي سا وڌائي وڌائي هاڻي 45 روپين تائين ڪري ڇڏي اٿن ۽ وڌائيندا رهندا، جيڪا آءِ ايم ايف جي فرمائش به آهي.
هاڻي جي رڳو پيٽرول وانگي جيڪڏهن بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي رهندي ته هر شي پاڻ ئي وڌي ويندي. معني جيڪي شيون اسان تائين پڄن ٿيون اهي ته پيٽرول، بجليءَ، گيس ۽ ٽرانسپورٽيشن کان علاوه ممڪن ئي ناهن. پوءِ جيڪي به فاسٽ موونگ ڪنزيومر گڊس (ايف ايم سي جي) معني عام واهپي جون شيون آهن، اهي بسين، ٽرڪين، گاڏين، مال گاڏين (ٽرينين) هوائي جهازن ۽ بحري جهازن جي ذريعي پڄن ٿيون، ته پوءِ ڇا اهي پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌڻ جي ڪري پنهنجي ڪراين ڀاڙن ۾ اضافو نه ڪندا؟ اهي پنهنجا اگهه نه وڌائيندا، اهي چپ ڪري ويهندا، جيڪي انهن کي تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ملندا ته اهي به مهانگا ڪندا ۽ جيڪي شيون کڻي پڄائڻ وارا پنهنجي اگههن ۾ واڌ ڪندا، ڇو ته ترن جو تيل ته ترن مان ئي نڪرندو، وري فرنيس آئل جي مهانگي ٿيڻ سان تيل تي هلندڙ بجلي گهر بجلي جي اگهن ۾ اضافو نه ڪندا؟ معني هنن ته عجيب غريب حرڪت ڪئي جو جيڪي به پگهارون وڌايون اٿن اهي ته ماڻهن کي روپيو روپيو ڪري وري انهي مهانگائي جي شرح ۾ ته ڏيڻيون آهن نه.
آمريڪا جو سعودي کان تيل وٺڻ وارو معاهدو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، گذريل سالن کان وٺي ايران چين سان 50 سالن جو معاهدو ڪيو آهي ته ايران رڳو تيل چين کي فراهم ڪندو، ان ڪري هاڻي عالمي منڊي (آمريڪي منڊي خاص ڪري) مان تيل جو کپُ گهٽ ٿي ويو آهي ۽ اهو ئي تيل ايشيائي مارڪيٽن ۾ سستن اگهن ۾ دستياب هوندو، ان ڪري ته رياست به پيٽرول جون قيتمون گهٽائي، پر هي ته پيٽرول جون قيمتون وڃن ٿا وڌائيندا، اتي حيرت اها به آهي ته جيڪي به لوڪل شيون انهن جا ليکا چوکا ڪري اهي شيون لوڪل اگهن ۾ کپجن ٿيون مثال، اٽو، گيهھ، داليون، چانور، ڪمند، کنڊ يا ٻيون عام استعمال جون شيون جيڪي لوڪل طريقي سان ٺهن ۽ استعمال ٿين ٿيون. اهي لوڪل اگهن ۾ کپن ٿيون. ته پيٽرول جيڪو 74 سيڪڙو لوڪل پيدا ٿئي ٿو، بجلي جيڪا هائيڊل، فرنيس آئل ذريعي، هوا ذريعي، ڪچري مان، مال جي ڇيڻن مان ۽ سمنڊ جي ڇولين مان به پيدا ڪري سگهجي ٿي ته پوءِ اها ئي بجلي ڊالر جي ريٽ ۾ ڇو؟ پوءِ ته اٽو، لوڻ، مرچ، کاڌي پيتي جون شيون به انهن اگهن ۾ کپائن. مثال ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪي ماني 1 درهم يا ريال يا ڊالر آهي ته اها ئي ماني هتي وري ڊالر جي ريٽ تي کپائن معني ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ماني جو لولو 300 روپيا ٿي وڃي، جي نه ته پوءِ پيٽرول، بجلي ۽ گيس جيڪا لوڪل ملي ٿي سا ڊالر جي اگهن ۾ ڇو؟
حڪومت جي چالاڪي اها به آهي ته اها ساڳيا ئي پيسا هاڻي انهن سڀني ادارن ۽ ملازمن جي کيسي مان ٽيڪس جي بهاني ڪڍي ويندي، ان ڪري ڳالھه ساڳي ٿي بيهي ته جيڪڏهن پيٽرول وڌندو هيو ته دوڪاندار ٻه گاريون حڪومت کي ڏئي شيون کپائي ويندا هيا هاڻي به ساڳي ڳالھه ڪندا، ان ڪري ته ٽيڪس جي زمري ۾ دوڪاندار به ايندا ۽ بجلي ۽ گيس جا وڌايل اگهه انهن تي به لاڳو ٿيندا، معني اهي دوڪاندار هاڻي به بهانو گهرندا ته جيئن شيون مهانگيون ڪري سگهن، ته پڪ سان شيون به ٻيڻيون ٿي وينديون. کير، کنڊ، اٽو، لٽو، سبزيون داليون، گوشت، ڪڪڙ ڪباب ته ماڻهن کي شل عيدن تي به نصيب ٿين، جو حڪومتي ڏٽا وري ڪنهن به ڪم جا آهن ئي نه ۽ نه رهندا، ان ڪري هي هاٿي جي ڏندن وارا حڪمران شل پرائيس ڪنٽرول جي ڳالھ به ڪن، ان ڪري ته هاٿي وانگي هڪڙا ڏند ڏيکارن ٿا ته کائن وري ٻين ڏندن سان ٿا.
چوندا آهن ته ”اگهه کٽيو کائجي پر وٽَ کٽيو نه کائجي“ پر هر رياست به هاڻي اهو ئي ٿي ڪري جو وٽ کوٽا رکي ڇڏيا اٿائين ۽ هر دفعي هنن وٽ اها ئي اٽڪل باقي رهجي وئي آهي ته اهي کاٽو پٽَ ادارا وڪڻي هاڻي اهو ٿا سمجهن ته هر ماڻهو، هر اهو فرد جيڪو هن رياست ۾ ساھ ٿو کڻي جيڪو زنده آهي ان کي ٽيڪس ڏيڻي آهي، پر ائين چئجي ته ٽيڪس جي مٿان ڏيڻي آهي. مثال هڪ ماڻهو جيڪو ليز تي جاءِ وٺي، ڪرايي تي جاءِ وٺي يا اُڪي خريد ڪري ته ان اُڪي خريد ڪيل جاءِ ۽ مسواڙ واري جاءِ ۾ ڪجهه فرق ضرور هوندو، ان ڪري ته مسواڙي هر مهيني مالڪ کي ڪرايو ادا ڪندو يا جيڪو انهن جي وچ ۾ طئي ٿيل هوندو، پر هيءَ رياست هر شيءِ جو ڃڻ ڪرايو ٿي وٺي جنهن ۾ ماڻهو اهو سمجهن ته اهي سڀ هن رياست جي لاءِ ڪمائين ٿا اهي جيڪي به ڪجهه گهر ڪمائي کڻي ايندا، انهن مان ڪجهه رياست جي کيسي ۾ وجهي ايندا نه ته ٻي صورت ان فرد جي مٿان رياست هلان ڪري سگهي ٿي، ان جي مال ملڪيت ضبط ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ته هر فرد ٽيڪس ڏئي. مثال جيڪي به ڍَلَ ٿئي ٿي سا به زرعي ٽيڪس هجي ٿي، ان کان علاوه جيڪي به ٻج، ڀتَ، ڀاڻ، ٽريڪٽر هرٻار هاري يا مالڪ پاڻ زمينن تي هلائي ٿو، انهن سڀني تي به ٽيڪس ڏئي ٿو، پر ظلم اهو به آهي ته هر شيءِ تي ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود به هارين کي زرعي ٽيڪس به ڏيڻي پوندي.
هاڻي رڳو پيٽرول جو بهانو ناهي رهيو جو دوڪاندار سرڪار کي ٻه گاريون ڏئي شيون کپائي وڃن. هاڻي ته آءِ ايم ايف جي فرمائش لسٽ وڃي ٿي وڌندي ۽ جيڪا کٽڻ جهڙي ناهي. هاڻي بيل آئوٽ پيڪيج تحت اسٽيڊ باءِ ايگريمينٽ (اسٽاف ليول ايگريمينٽ) به ڪئي اٿن جنهن تحت آءِ ايم ايف کان وري 7 ارب ڊالر وٺي ويندا، رياست اڳواٽ ئي آءِ ايم ايف جا شرط مڃي ڇڏيا آهن جنهن ۾ بجلي ۽ پيٽرول مهانگي ڪرڻ کان علاوه، گيس جا اگهه به وڌائيندا ۽ ٽيڪس جا نوان نوان طريقا متعارف ڪرائيندا ويندا، جنهن ۾ جيڪو ماڻهو 50 هزار به ماهوار ڪمائيندو اهو رياست جي لاِءِ به ڏڻ ڪڍندو ۽ رياست جا ڀڀ به ڀريندو رهندو.