سياسي مئچ ۽ جارحاڻي بالنگ

تحرير: غلام حسين لغاري

ملڪ ۾ هن وقت ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ هلندڙ سياسي مئچ جو آخري اوور هلندڙ آهي جنهن ۾ ن ليگ جي ڪجهه معتبر اڳواڻن ۽ عهديدارن بشمول مريم نواز شريف  راڻا ثناءِ الله خواجا آصف اعظم نذير تارڙ ۽ عطا تارڙ جي ناڪام جارحاڻي بالنگ جاري آهي. جارحاڻي بالنگ جو مقصد پي ٽي آءِ کي سياسي پچ تان ٻاهر ڪرڻ  آهي پر سندن آڏو پي ٽي آءِ جا بيٽ مين به ڪي اڻڄاڻ ناهن جنهن ڪري ڌرين وچ ۾ هلندڙ اها سياسي مئچ وقت کان اڳ ڊرا ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ۽ هڪ نئين ٽيم ميدان ۾ اچڻ جا امڪان آهن  چوڻ جو مطلب ته ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن جنهن جو امڪان هڪ عالمي ريٽنگ اداري فچ ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو اٿس ته ن ليگ حڪومت 18 مهينا هلندي ۽ ايندڙ سال نومبر ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ايندي جيڪا ڪجهه سال حڪومت ڪندي بعد ۾ چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو ويندو.

سياسي حلقن ۾ جيڪي چئوٻول آهن تن موجب اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي قيد سربراهه عمران خان کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ راضي ڪرڻ لاءِ مٿس دٻاءَ آهي پر هو راضي نٿو ٿئي ۽ سندس موقف آهي ته جيڪڏهن فارم 45 تحت سندس مينڊيٽ تسليم ڪري اقتدار  سندس حوالي نٿو ڪيو وڃي يا فوري طور عبوري حڪومت ٺاهي نئين سر چونڊون ڪرايون وڃن تيستائين هو ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو. ملڪي ۽ سياسي حالتون هن وقت ن ليگ قيادت جي هٿن مان نڪرندي ڏسندي هاڻ اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ ن ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف اتحادي حڪومت کي هر ممڪن بچائڻ لاءِ پ پ پ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين ڌرين سان اندروني رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن ڏس ۾ پ پ پ جي قائد ۽ صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري سان روبرو ملي  سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي ۽ ان تي عمل بابت کائنس ڪو مشورو وٺي ۽ سياسي مدد جي گهر ڪري پر هاڻ ڪجهه دير به ٿي چڪي آهي شايد ئي پ پ ن ليگ جي ڪا مدد ڪري سگهي. اهوئي سبب آهي جو ن ليگ في الحال پي ٽي آءِ حڪومت تي بندش وجهڻ وارو ارادو ترڪ ڪندي فقط پي ٽي آءِ قيادت خلاف آئين جي ڀڃڪڙي ۽ بغاوت وارا ڪيس هلائڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ائڊهاڪ جج آڻائي ججن جو انگ 21 ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ائڊهاڪ ججن جي مقرري تي مخالف ڌر ۽ سنجيده ڌريون متفق ناهن.

سياسي ذريعن موجب صدر آصف زرداري ن ليگ سربراهه کي ڪنهن به اٻهرائي طرف وڃڻ کان روڪيو آهي يعني پي ٽي آءِ تي بندش وجهڻ کان روڪيو اٿس جو ان جا اڳتي هلي نتيجا ٻين سياسي پارٽين کي به ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا ۽ پارٽين تي بندش وجهڻ جو هڪ رواج پئجي ويندو. ٻئي طرف اهي به امڪان آهن ته پي ٽي آءِ قيادت خود به پ پ پ سان رابطو ڪري ن ليگ جي غيرجمهوري قدمن ۽ زيادتين کان آگاهه ڪري جمهوري اقدار جي تحفظ لاءِ مدد گهري ته جيئن جمهوريت ۽ آئين جو تحفظ ڪري سگهجي. اهي به ڳالهيون هلن پيون ته ايندڙ وقت ۾ پي ٽي آءِ پ پ پ جي يو آءِ ۽ ٻيون پارٽيون منصفاڻين چونڊن جي انعقاد لاءِ هڪ ٿي سگهن ٿيون جنهن سان ن ليگ ميدان ۾ اڪيلي ۽ عوام کان پري رهجي ويندي جنهن جا به وڏا امڪان آهن.

جيڪڏهن وچين مدي واريون چونڊون ٿين ٿيون ته ن ليگ وفاق ۽ پنجاب مان ڳولهي نه لڀندي جو ان جو عام ووٽر به هن ماحول ۾ ن ليگ کان خفا نظر اچي ٿو. پارٽي جو هڪ پراڻو اڳواڻ سيد مشاهد حسين به باغي ٿي چڪو آهي جنهن جو لاڙو به پي ٽي آءِ ڏانهن آهي ۽ کلي طرح ن ليگ مخالف بيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته نئين پارٽي عوام پاڪستان به پنجاب ۾ خاص اثر رکي ٿي جيڪا پڻ سياسي پارٽين جي نئين اتحاد ۾ شامل ٿيندي. شاهد خاقان عباسي نئين سياسي اتحاد ۾ وڃڻ جو اڳ ۾ ئي اشارو ڪري چڪو آهي. نئون سياسي اتحاد ن ليگ تي ڳرو ثابت ٿيندو۔اڃا ڪو اتحاد ٺهيو ئي ناهي ن ليگ قيادت اڳ ۾ ئي ٻڏتر جو شڪار آهي.

اليڪشن ڪميشن عدالت ۾ داخل نظرثاني واري پٽيشن جي فيصلي جي انتظار جو جواز به ڄاڻائي سگهي ٿي پر اهي به اطلاع آهن ته نظرثاني واري پٽيشن شايد ئي ٻڌي وڃي جيڪڏهن ٻڌي به وئي ته وري به اها پي ٽي آءِ جي حق ۾ وڃي سگهي ٿي جو اها قانون پٽاندڙ داخل ناهي ڪئي وئي جو تفصيلي فيصلو اڃا اچي ناهي سگهيو جنهن بعد ئي نظرثاني پٽيشن داخل ٿي سگهي ٿي۔اهي به اطلاع آهن سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن واري ڪاميٽي مان ٻن ميمبر ججن ٻڌڻي جي تاريخ تي في الحال اعتراض واريا آهن جنهن سان به حڪومت کي ڌچڪو لڳندو. هونئن به ن ليگ پنهنجي خلاف آيل سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به هڪ فيصلي کي ماضي ۾ ناهي مڃيو سوآءِ سندس مفاد ۾ آيل فيصلن جي۔جنهن انداز ۾ ن ليگ ماضي ۾ عدالتن جي فيصلن ۽ ججن جي توهين ڪندي رهي آهي شايد ئي ڪنهن ٻي پارٽي ڪئي هجي.

سپريم ڪورٽ جي آيل انهيءَ اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻ بدران حڪومت پي ٽي آءِ قيادت خلاف سخت کان سخت فيصلا ۽ قدم کڻي رهي آهي جنهن ۾ عمران خان خلاف سنگين نوعيت جا نوان ڪيس داخل ڪري سندس ٻاهر نڪرڻ جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن به ن ليگ کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي وائکو ڪري ڇڏيو آهي پر پي ٽي آءِ قيادت عدالتن جو سهارو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن به ن ليگ حڪومت جي غير جمهوري روين تي تحفظات ظاهر ڪيا آهن جنهن تي به ن ليگ کي پارٽي اندر به ڌچڪو پهتو آهي ۽ سندس ئي اڳواڻ اهڙن فيصلن ۽ قدمن تي قيادت کان خفا نظر اچي رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ان جي چونڊيل نمائندن معظم جتوئي ۽ جمشيد دستي خلاف به جارحانه بالنگ ڪندي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ معظم جتوئي کي ائنٽي ڪرپشن جي هڪ ڪيس ۾ عدالت آزاد ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا آهن. جمشيد دستي جنهن تي پوليس مٿان حملي ڪرڻ تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيل آهي غائب آهي.

پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته سندس چونڊيل ميمبرن کي هٿ وٺي گم ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجو بيان حلفي جمع ڪرائي نه سگهن. پي ٽي آءِ جي اٽڪل 38 ميمبرن جا بيان حلفي خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيا ويا هئا پر اهي اهو بهانو بڻائي واپس ڪيا ويا هئا ته آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود ڪونهي.

خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت مشاورتي اجلاس به ڪوٺايو هو جيڪو ملتوي ڪيو ويو ۽ ڪالهه جمع ڏهاڙي ٻيهر اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو ملڪ ۽ قوم لاءِ خوش آئنده ٿيندو. اليڪشن ڪميشن جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ خدشا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن کان استعفا گهرڻ وارو مطالبو به درست ناهي.

ڪالهوڪي خبر آهي ته ن ليگ جي معتبر ڪجهه اڳواڻن بعد پنجاب جي وڏي وزير محترمه مريم نواز به ميدان تي لهي آئي آهي سپريم ڪورٽ جي انهن اٺن ججن خلاف بيان بازي ڪئي  اٿس جن اڪثريت راءِ سان مخصوص سيٽن جو فيصلو ڏنو آهي. سندس جو اهو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ جي اٺن فاضل ججن ملڪي آئين کي نئين سر لکيو آهي ۽ هڪ ماڻهو جي طرفداري ڪئي وئي آهي ان کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جيڪو ملڪ جي بقا خلاف آهي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سميت ن ليگ اڳواڻن جا اهڙا بيان توهين عدالت جي ذمري ۾ اچن ٿا. في الحال ته اٺ ئي جج خاموش آهن ۽ وقت جو انتظار پيا ڪن. مريم نواز جو اهو بيان ماضي جي سندس بيانن جو تسلسل آهي جنهن ۾ هن چيف جسٽس جسٽس عمر عطا  بنديال ۽ ڪجهه ٻين ججن لاءِ به ساڳي زبان ۽ ٻولي استعمال ڪري چڪي آهي. هن وقت عدالتون ۽ جج حڪمرانن جي جارحانه بالنگ تي آهن جنهن سان ڪڏهن به جمهوري رويا پروان چڙهي نٿا سگهن.

آخري خبر اها آهي ته پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب جسٽس قاضي فائز عيسي جي ان فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي اعتراضن تي ٻڌل خط روانو ڪيو آهي جنهن ۾ بدنيتي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ ۾ چار نوان ائڊهاڪ جج کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جن مان ٽن ججن جسٽس مشير عالم جسٽس مقبول باقر جسٽس مظهر عالم مصروفيت جو جواز ڄاڻائي جواب ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻن ججن هائوڪار ڪئي آهي.

پي ٽي آءِ اهي خدشا ظاهر ڪيا آهن ته حڪومت پي ٽي آءِ قيادت کي سنگين ڪيسن ۾ سزائون ڏيارڻ ۽ نااهل بنائڻ لاءِ ائڊهاڪ ججن کي استعمال ڪري سگهي ٿي جنهن سان عدالت جي آزادي تي سوال اٿندا. اهڙي طرح وفاقي وزير دفاع جناب خواجا آصف جو به بيان سامهون آيو آهي ته حڪومت کي وقت کان اڳ ڪيرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن کي هر قيمت تي بچائبو. هن اهو به اشارو ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت نٿي رهي ته غير جمهوري قدم به کڄي سگهن ٿا. خواجا آصف جي اهڙي بيان تي سياسي حلقن ۾ ڳڻتي پئدا ٿي چڪي آهي.

بهرحال ٻيو ڪجهه نٿو ٿي سگهي ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ته پوري پڪ آهي جنهن جي عالمي اداري فچ اڳڪٿي ڪئي آهي پوءِ اها ايندڙ سال نه ته هن سال ممڪن ٿئي جو نومبر کان پوءِ صورتحال به ڪجهه تبديل ٿيندي نظر اچي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.