بنگلاديش ۾ احتجاج زور وٺي ويو، 32 ڄڻا اجل جو شڪار، 2500 زخمي

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج زور وٺي ويو آهي، احتجاج سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا  آهن جن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو ذريعن موجب ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري پرتشدد احتجاجي مظاهرن ۾ فوتگين جو انگ 32 تائين پهچي ويو آهي. ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون. گذريل ڏينهن  هڪ صحافي به مارجي ويو. چڪرين ۾ 2500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اسپتالن ۾ 150 کان وڌيڪ شاگرد ۽ مظاهرين علاج هيٺ آهن. ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ڪندڙن سرڪاري ٽي وي جي هيڊ ڪوارٽر کي به باهه ڏئي ڇڏي. گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي وئي. حڪومت پهريان انڪار ڪيو هو پر هاڻي ڳالهين جو اعلان ڪيو آهي. هڙتال دوران پوليس جون مظاهرين سان چڪريون ٿيون، پوليس  مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي. انٽرنيٽ سروس عارضي طور تي معطل ڪئي وئي. تعليمي ادارا به اڻڄاڻايل مدي تائين بند ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.