اسلام آباد(بيورو/م ڊ) پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار آهي. ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي آبادي 48.6 ملين آهي، جڏهن ته پنجاب جي آبادي 12.76 ملين ۽ سنڌ جي 5.57 ملين آهي. ڊجيٽل آدمشماري 2023 تي شماريات کاتي جي فائينڊنگ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 53 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، پنجاب ۾ 96 لک ۽ سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ڊجيٽل آدمشماري 2023 تي شماريات کاتي جي فائينڊنگ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته خيبر پختونخواهه ۾ اسڪول کان ٻاهر موجود ٻارن جو انگ 49 لک ۽ بلوچستان ۾ 50 لک کان وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ افغانين، بنگالين ۽ برمين سميت پرڏيهي ملڪن جا 21 لک 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ترسيل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جي شرح خطي ۾ سڀني کان وڌيڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، هاڻوڪي تناسب سان آبادي وڌندي رهي ته 2050 تائين ملڪ جي آبادي ٻيڻي ٿي ويندي.