ڪراچيءَ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ورديءَ پهريل ڏوهاري پڪوان سينٽر تان ڦر ڪري ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ چورن ڏوهن جا نوان حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جوابدارن گلشن اقبال بلاڪ تيرا ڊي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جو يونيفارم استعمال ڪري واردات ڪئي. ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا موجب واقعو گلشن اقبال ٿاڻي جي حد ۾ هڪ پڪوان ۾ پيش آيو، جوابدار موبائل فون ۽ نقدي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ايس پي گلشن عليم بلو واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

  • ايڇ اي سي جو ڊگرين جي تصديق وارو نظام 10 ڏينهن کان خراب، شاگرد پريشان

اسلام آباد (م ڊ) هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڊگرين جي تصديق جو نظام 10 ڏينهن کان خراب آهي. ذريعن  وجب سسٽم خراب هجڻ سبب سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي دگرين جي تصديق وارو معاملو ڦاٿل آهي. پرڏيهه اعليٰ تعليم لاءِ ويندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.