پي ٽي آءِ خلاف آپريشن لاءِ گهرو وزارت ۾ اجلاس

لاهور(معظم فخر) وفاقي گهرو وزارت جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف فل اسڪيل جو آپريشن ڪيو ويندو، جيڪي عنصر ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪ ويهي شرپسندي پکيڙي رهيا آهن انهن کي  ٻنجو ڏنو ويندو،پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا پاران جيڪا ڊجيٽل دهشت گردي پکيڙي رهي آهي ان کي فائر وال ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو هيل تائين 40 لک اڪائونٽس جي آءِ پيز لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪيو ويندو، ڊجيٽل دهشتگردن جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي،اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ کي يقين ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ فساد جي پاڙ عمران خان ئي آهي ،ايٽمي طاقت رکندڙ پاڪستان جي سلامتي عالمي برادري لاءِ به ضروري آهي،

  • پي ٽي آءِ ۾ ڌڙا آهن، فارورڊ بلاڪ تيار آهي: فيصل واوڊا

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ ڪيترائي ٽولا آهن، پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ تيار آهي، پي ٽي آءِ وارن جا 37 حلف ناما گڏ ٿيا آهن، انهن 37 مان 6 يا 7 جون صحيحون شڪي آهن. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي واوڊا چيو ته حڪومت وٽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو بهترين موقعو آهي، جيڪڏهن حڪومت وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏندي ته نقصان ٿيندو. آءِ ايم ايف کي خط لکڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته رياست کان ڪير به کٽي نٿو سگهي، 9 مئي تي رياست خلاف دهشتگردي ڪئي وئي. هن اڳڪٿي ڪئي ته سيپٽمبر-آڪٽوبر ۾ سياسي ماحول سخت گرم هوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به آئين ۽ قانون تي عمل نٿو ڪري، هر ڪو آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿو. پي ٽي آءِ وري زهر اوڳاڇڻ شروع ڪيو آهي. فيصل واوڊا چيو ته 12 سال اڳ پي ٽي آءِ جو باني تمام گهڻو بردبار هو، هاڻي ايمانداريءَ سان ڪم ڪندڙن کي الڳ ڪيو ويو آهي ۽ چوري چڪاري ڪندڙن کي گڏ رکيو ويو آهي.

  • پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مثالي آهن، خطرن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 97 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي  چين جي سفير چيو ته پاڪ چين دوستي ۽ ڀائيچاري کي ڪابه طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي. جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا غير معمولي ۽ مثالي آهن، ٻنهي ملڪن سدائين گڏيل اعتماد سان بدلجندڙ اسٽريٽجڪ صورتحال کي هڪ ٻئي جي حمايت سان منهن ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 97هين سالگرهه جي تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. تقريب ۾ پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊونگ خاص مهمان هو، جڏهن ته چيني دفاعي اتاشي ميجر جنرل وانگ ژونگ، چيني سفارتخاني جي آفيسرن ۽ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيني مهمانن جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چين جي دفاع، سڪيورٽي ۽ قومي ترقي ۾ پي ايل اي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان۽ چين جا لاڳاپا غير معمولي ۽ مثالي آهن، ۽ ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جي اعتماد ۽ حمايت سان تبديل ٿيندڙ اسٽريٽجڪ صورتحال کي منهن ڏنو آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ۽ پيپلز لبريشن آرمي جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ ٻئي فوجون ٻه طرفو فوجي تعاون جاري رکي رهيون آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي ڀائيچاري جو ثبوت آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيني سفير پي ايل اي جي قيام جي 97 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڪا به طاقت چين ۽ پاڪستان جي لوهي دوستي ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجن جي ڀائيچاري کي ختم نه ٿي ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.