انٽراسٽي ۽ اليڪٽرڪ بسن جو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ انٽراسٽي ۽ اليڪٽرڪ بسن جو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب چيني بس مينوفيڪچرنگ ڪمپني ڪراچي ۾ پلانٽ لڳائڻ جو ڪم ٽن مهينن ۾ شروع ڪندي. سندس چوڻ آهي ته پلانٽ جو ڪم ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو، هاڻي انٽرا سٽي ۽ اليڪٽرڪ بسون ڪراچي ۾ ٺهنديون. هن چيو ته پلانٽ ۾ اليڪٽرڪ بسون ۽ هائبرڊ ڊيزل بسون تيار ڪيون وينديون. شرجيل ميمڻ موجب پلانٽ لڳڻ سان صنعتن کي هٿي ملندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. بسن جي تياري سان ناڻو بچندو جڏهن ته بسن جي ايڪسپورٽ سان فائدو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.