اوٻاوڙو(رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي لڳ صادق آباد کان بھاولپور ويندڙ مسافر ڪوچ سان خوف ناڪ حادثو پيش آيو آھي صادق آباد کان بھاولپور ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن بعد مسافر ڪوچ کي باھه وڪوڙي وئي گاڏي ۾ سوار 10 مسافر موقعي تي سڙي فوت ٿي ويا ٻه مسافر سخت زخمي ٿي پيا، علائقي واسين جي اطلاع تي موٽر وي پوليس ۽ امدادي ٽيمن جون گاڏيون ۽ فائر برگيڊ عملو پھچي ويو جنھن باهھ تي ضابطو آڻي تيز ڌار اوزارن سان گاڏي جون لوھيون چادرون ۽ سريعا ڪٽي ڏھن فوتي مسافرن جا لاش ۽ ٻن زخمين کي ٻاھر ڪڍيو، جتي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال صادق آباد پھچايو ويو، جتي ڊڪٽرن پاران زخمين جي مرھم پٽي ۽ فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو آهي،ضروري ڪارروائي بعد فوتي ڏھن ڄڻ جا مڙهھ وارثن حوالي ڪيا ويا وارث پنھنجن پيارن جا لاش اباڻن ڪکن ڏانھن کڻائي ويا