راولپنڊي(م ڊ) 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جو رڪارڊ ڪيل بيان سامهون اچي ويو جڏهن ته اڳوڻي مملڪتي وزير زبيدا جلال به بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اعظم خان چيو ته 190 ملين پائونڊن جو معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو. شهزاد اڪبر مون وٽ هڪ نوٽ کڻي آيو هو جنهن تي سندس دستخط ٿيل هئا، اهو نوٽ وزيراعظم جي منظوري وٺڻ لاءِ هو ته ڳجهي معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري معاملي کي ڪابينا آڏو آندو وڃي. پنهنجي بيان ۾ اعظم خان چيو ته شهزاد اڪبر چيو ته وزيراعظم نوٽيفڪيشن ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. وزير اعظم سان ان جي تصديق ڪرڻ کانپوءِ فائل ڪيبينيٽ سيڪريٽري ڏانهن موڪلي وئي جڏهن ان معاملي تي ڪيبينيٽ سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هو منهنجي آفيس ۾ موجود هو. اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري چيو ته مان ان معاملي تي ڪابينا ۾ شرڪت نه ڪئي هئي ۽ نه ئي ان معاملي تي وفاقي ڪابينا ۾ ٿيل بحث جي مون کي ڄاڻ هئي. اڳوڻي مملڪتي وزير زبيده جلال احتساب عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ چيو ته 2019ع ۾ ڪابينا جي اجلاس دوران شهزاد اڪبر طرفان بند لفافو اضافي ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو، ڪابينا ۾ اضافي ايجنڊا پيش ڪرڻ کان اڳ ضروري طريقيڪار تي عمل نه ڪيو ويو. ڪابينا ۾ ضمني ايجنڊا پيش ڪرڻ کان اڳ ميمبرن کي بريفنگ ڏيڻ ضروري آهي. زبيده جلال موجب شهزاد اڪبر چيو ته 190 ملين پائونڊ جو معاملو آهي جيڪو ڪابينا آڏو رکڻو آهي، هن زور ڏنو ته معاملو حساس آهي ان جي فوري منظوري ڏني وڃي.
-
سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ: شماريات کاتو
اسلام آباد( بيورو) سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ 60 ڏهائي 14 سيڪڙو آهي، سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 22 ڏهائي 23 سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ 2 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 15 ڏهائي 38 سيڪڙو آهن، سنڌ جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار آهي شماريات کاتي ڊجيٽل آدمشماري 2023 جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي ڪل آبادي مان 52 ڏهائي 10 سيڪڙو مرد ۽ 47 ڏهائي 90 سيڪڙو عورتون آهن.ڊجيٽل آدمشماري جي انگ اکرن موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا سنڌ جا 44 ڏهائي 80 سيڪڙو گهراڻا اڄ به ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، سنڌ جا 4 ڏهائي ٻڙي 7 سيڪڙو گهراڻا جانورن جي ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا.