اسلام آباد(م ڊ) عالمي اقتصادي ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان بابت پنهنجي رپورٽ ۾ فِچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته حڪومت 18 مهينن تائين قائم رهندي“.”حڪومت تبديل ٿيندي ته چونڊون نه ٿينديون ۽ ”ٽيڪنوڪريٽس ايندا“، عدالتي رليف باوجود عمران جي جلد آزادي جو امڪان ناهي. فچ جي ان اڳڪٿي کانپوءِ مختلف حلقن ۾ اهو موضوع بحث هيٺ اچي رهيو آهي ته آخر ۾ فچ يا ٻيون ٻيون اهڙيون عالمي معاشي ريٽنگ ايجنسيون پنهنجي رپورٽ مرتب ڪندي ان ۾ سياسي نوعيت جا عمل به غور هيٺ آڻي سگهن ٿيون. فچ پاڪستان بابت پنهنجي تفصيلي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال جي آخر تائين مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي سگهي ٿي. ايجنسي موجب امڪان آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هلندڙ مالي سال جي آخر تائين وياج شرح گهٽائي 14 سيڪڙو ڪري ڇڏيندي. هن وقت اها شرح 20.5 سيڪڙو آهي. فچ موجب پاڪستان حڪومت بجيٽ ۾ سڀ کان مشڪل معاشي هدف مقرر ڪيا آهن. پاڪستان مالياتي خسارو 7.4 سيڪڙو مان گھٽائي 6.7 سيڪڙو ڪرڻ چاهي ٿو. فچ موجب پاڪستان حڪومت جا ڏکيا معاشي فيصلا آءِ ايم ايف سان پروگرام جي راهه هموار ڪري رهيا آهن. تنظيم جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو معاشي خطرو پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ آهي.رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني ڪرنسي 290 رپيا ۽ 2025ع ۾ 310 رپيا ٿي ويندي. عدالتن مان رليف ملڻ باوجود عمران خان جو جيل مان نڪرڻ جو امڪان ناهي. اسان کي اميد آهي ته مسلم ليگ ن جي حڪومت ايندڙ 18 مهينن تائين اقتدار ۾ رهندي ۽ آءِ ايم ايف جي معاشي سڌارن واري ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي تازي پاڪستان ملڪي خطري جي رپورٽ معيشت جي چوڌاري غير يقيني صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جاري سياسي بدامني ان جي معاشي بحالي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شهرين جي احتجاج سبب معاشي سرگرميون تمام گهڻو متاثر ٿيون آهن، هن چيو ته سياسي ماحول نازڪ آهي. هوڏانهن عالمي ريٽنگ ايجنسي بابت سياسي معاشي ماهرن تبصرو ڪندي چيو آهي ته عالمي معاشي ادارا اڪثر طور ملڪي ذريعن کان معلوم وٺندا آهن ۽ سياسي صورتحال جو جائزو وٺي رپورٽ مرتب ڪندا آهن. عارف حبيب لميٽيڊ ۾ ريسرچ ۽ اقتصادي معاملن جي تجزيه نگار ثناءَ توفيق موجب اقتصادي ريٽنگ ادارن لاءِ هڪ ميڪنزم آهي. جيڪڏهن اهي سياسي رخ به ڏسندا ته سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ٿينديون. هنن اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي اختيارين سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. معيشت تي رپورٽون ۽ انگ اکر ورتا وڃن ٿا، هن جي خيال ۾، اهي ادارا پنهنجي اصطلاحن ۾ ‘منصفاڻو’ تجزيو ڪري رهيا آهن. اقتصادي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر اشفاق حسن جو چوڻ آهي ته سرڪاري گڏجاڻين ۽ انگن اکرن کان علاوه انهن ادارن وٽ درجه بندي جا پنهنجا ذريعا به آهن،هو ملڪ بابت شايع ٿيل خبرن جو به جائزو وٺندا آهن.سندس چوڻ هو ته اها ڳالهه پهرين ڏينهن کان ٿي رهي هئي هي حڪومت 18 مهينن لاءِ آئي آهي. تنهنڪري فچ شايد انهن خبرن جي اثر هيٺ پنجن سالن جي بدران 18 مهينن جو عرصو ذڪر ڪيو آهي. فوج جي حمايت ۾ قائم ڪيل ٽيڪنوڪريٽ انتظاميه تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر اشفاق حسن چيو ته فچ ضرور اهو نقطو يا تجزيو پنهنجي ذريعن کان پيش ڪيو هوندو. ناڻي واري وزارت جي اڳوڻي ترجمان ۽ معاشي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر نجيب خاقان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ناڻي واري وزارت کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته فچ ٽيم ان نتيجي تي ڪيئن پهتي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن ريٽنگ ايجنسي طرفان ملڪ جي اندروني صورتحال تي اهڙو تبصرو مناسب ناهي. سندس چوڻ هو ته، ”پاڪستاني اختيارين يقين ڏيارين ها ته اهڙي قسم جا تبصرا هن رپورٽ جي سامهون اچڻ کان اڳ بهتر انداز ۾ بيان ڪيا وڃن ڇو ته هاڻي جڏهن ٻاهرين ماڻهو اهڙا تبصرا پڙهندا ته انهن جو پاڪستان تي اعتماد ڪمزور ٿيندو. ناڻي واري اڳوڻي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا بي بي سي کي ٻڌايو ته ”هي ڪو سياسي تبصرو يا تجزيو ناهي، پر اها معيشت سان جڙيل حقيقت آهي ته سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام جو مقصد حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن جي مطابق، ”بين الاقوامي ادارن ۽ سيڙپڪارن کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڇا حڪومت ڪنهن ملڪ ۾ رهي سگهي ٿي يا حڪومتي نظام صحيح طرح سان ڪم ڪري رهيو آهي يا نه. اقتصاديات جو ماهر ارسلان آصف سومرو به ثناءَ توفيق جي ان ڳالهه سان متفق آهي ته سياسي تبصرا، تجزيا ۽ اڳڪٿيون ريٽنگ ۾ ضرور شامل هونديون آهن پر اهي ادارا به وقت سان گڏ پنهنجي ريٽنگ بهتر ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته ”جڏهن عمران خان کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو ۽ پوءِ ملڪ ۾ نگران حڪومت آئي، تڏهن پاڪستان جي سياسي رينڪنگ انهن عالمي ادارن جي نظر ۾ تمام خراب هئي، پر پوءِ جڏهن چونڊون ٿيون. ۽ آءِ ايم ايف سان هڪ معاهدو ٿيو، ريٽنگ بهتر ٿي.