پ پ قيادت گهوٽڪي جي چونڊيل نمائندن کان ناراض،ضلعو ڪامورن حوالي

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (رپورٽ: آزاد مهر/ خالد) عام چونڊن دوران ايم اين ايز جي اميدوارن ۽ ضلعي جي سياست ۾ علي گوهر مهر ۽ خالد لنڊ پاران گڏجي ايم پي اي تي پ پ اميدوارن باري پتافي ۽ شهريار شر جي سامهون بيٺل آزاد اميدوارن نادر اڪمل لغاري ۽ مهتاب ڏهر کي کٽرائڻ بعد ضلعي جي سياست ۾ ماٺار اچڻ کانپوءِ پ پ قيادت جي ناراضگي ظاهر ٿي پئي آهي، سنڌ حڪومت قائم ٿيندي ئي  پ پ قيادت  پاران ايم اين اي علي گوهر مهر، ايم اين اي خالد لنڊ، ايم پي اي علي نواز مهر، ايم پي اي  مهتاب ڏهر، ايم پي اي نادر اڪمل لغاري جا اختيار محدود ڪري صوبائي وزير محمد بخش مهر کي بااختيار بڻايو ويو آهي،  جنهن سبب  چونڊيل نمائندن جو ڪامورن مٿان سياسي دٻاءَ گهٽجڻ سبب  ڊي سي ۽ ايس ايس پي سميت انتظامي عملدار پنهنجو اختيار استعمال ڪندي مرضي سان  فيصلا ڪري رهيا آهن. هاڻي صورتحال اها آهي جو گهوٽڪي جو ايم پي اي علي نواز مهر مختيارڪار به مقرر نه ٿو ڪرائي سگهي، جنهن جو تازو مثال پنوعاقل تان چونڊيل صوبائي وزير اڪرام الله ڌاريجو جي سفارش تي لالا انصاف پٺاڻ کي گهوٽڪي ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو آهي، ميرپور ماٿيلو ۾ ايم اين اي خالد لنڊ پڻ مختيارڪار مقرر ناهي ڪرائي سگهيو جڏهن ته ڏهرڪي ۾ نادر اڪمل لغاري کان هارائيندڙ باري پتافي پنهنجو مختيارڪار اشرف پتافي مقرر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته  پ پ قيادت جي  ناراضگي سبب سنڌ حڪومت پاران ڪامورن کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته هو صرف محمد بخش مهر جي هدايتن تي عمل ڪن، اهو ئي سبب آهي سياستدانن بدران ضلعي اندر پنجن ئي تعلقن جا  اسسٽنٽ ڪمشنر   ڊي سي گهوٽڪي جي سفارش تي لڳايل آهن  جڏهن ته  ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو   ڊي ايس پي گهوٽڪي  ايس ايڇ او خانپور مهر ايس ايڇ او گهوٽڪي  ڏهرڪي  سميت ايس ايس پي جي پنهنجي ٽيم جا افيسر لڳل  آهن. . ذريعن جو چوڻ پ پ قيادت پاران   ضلعي جي 2 ايم اين ايز ۽ 3 ايم پي ايز کي اختيار کان آجو ڪرڻ واري معاملي تي  چونڊيل نمائندن پاران ڪافي ڀيرا ناراضگي کي ختم ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهر پر پ پ  قيادت گهوٽڪي جي چونڊيل نمائندن کي اهميت ڏيڻ  کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.  ضلعي جي چونڊيل نمائندن کي بي اختيار ڪرڻ واري عمل کانپوءِ چونڊيل نمائندا مسئلن جي حل لاءِ ايندڙ ماڻهن کي چون ٿا ته اسان بي اختيار آهيون.   ٻي پاسي ڊي سي گهوٽڪي سيد  محمد علي شاهه ، ايس ايس پي گهوٽڪي خلاف چونڊيل نمائندن  پ پ قيادت کي ۽  سنڌ جي  وڏي وزير کي پڻ شڪايت ڪئي آهي پر چونڊيل نمائندن کي پارٽي قيادت صرف خاطري ڪرائي  آهي پر عملدرآمد نٿو اچي سگهي. ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته هن وقت پ پ قيادت گهوٽڪي جي چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي ۽ پارٽي کي نقصان ڏيڻ واري عمل سان سخت ناراض ۽ بيزار نظر اچي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.