ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي (خالد وسير+ آزاد مھر ) عوامي آواز جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ ٿي. پوليس جوابدار اصغر لنڊ کي پڻ پيش ڪيو. ڪيس جو جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ڪيس جي فريادڻ امڙ پٺاڻي به عدالت ۾ پيش ٿي . عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اصغر لنڊ جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته رڳو بيان رڪارڊ ڪندئو هن مهل تائين جاچ ڪٿي پهتي آهي. جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن 164 جي بيان ذريعي ڪيس ۾ وڌيڪ 3 ڄڻن خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نورمحمد لنڊ کي جوابدار طور نامزد ڪيو آهي انهن کان به جاچ ڪنداسين ۽ بيان رڪارڊ ڪنداسين ان ڪري پهرين آگسٽ تائين مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري چيو ته الزام هيٺ آيل خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻو آهي. انهن جا نالا ڪيس جي فريادڻ ۽ شاهدن کنيا آهن. ڪال ڊيٽا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ شاهدن جي سڃاڻپ سان 3 جوابدار اصغر لنڊ، برڪت ۽ عبدالله لنڊ جي خلاف شاهديون اچي ويون آهن وڌيڪ شاهديون مليون ته ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته جلد خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کان به جاچ ڪري انهن جا بيان رڪارڊ ڪنداسين.