ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جنهن ملڪ جا شهري پنهنجي گهرن جي دروازن جون ڪنڊيون لڳائي سمهندا هجن ته اهو سمجهڻ گهرجي اتي لاقانونيت جو راڄ آهي. ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته ايئن ٿو لڳي جهڙوڪ سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شيءَ موجود ئي ناهي. هتي ڄڻ جهنگ جو قانون لاڳو ٿيل هجي. يعني جيڪو ڏاڍو، سو گابو.
هتي جا ڏوهاري ايڏا ته طاقتور بڻيل آهن، جو ڪنهن به قسم جي واردات ڪرڻ لاءِ رات ٿيڻ جو انتظار ئي نٿا ڪن، اهي ڏينهن ڏٺي جو جتي چاهين، واردات ڪري وڃن ٿا، ۽ روڊن تي رڪاوٽون وجهي سري عام گاڏين مان لٽ ڦر ڪرڻ کان ويندي مسافرن ۽ ڊرائيورن کي پڻ اغوا ڪري پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ٿا.
سنڌ ۾ ڦرلٽ ۽ ماڻهن جي اغوا جا واقعا هميشه ٿيندا رهيا آهن، پر ويجهڙ ۾ انهن ۾ جيڪا خطرناڪ حد تائين واڌ ۽ وحشت آئي آهي، ان کان ڪنهن کان طرح لاتعلق رهي يا ڪن لاٽار ڪري نٿي سگهي. اڳ ۾ ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪري وڃڻ کان پوءِ سندن وارثن کي چٺي لکي کانئن ڀنگ طلب ڪندا هئا، پر هاڻ مغوين کي زنجيرن سان جڪڙجي ابتو ٽنگيو وڃي ٿو ۽ مٿن تشدد ڪري ويڊيوز رڪارڊ ڪئي وئي ٿي، جيڪا مغوين جي وارثن ڏانهن موڪلڻ جي بدران سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وڃي ٿي.
اندازو ڪريو سندن وارثن جي دل تان ڇا گذرندي هوندي، ڀلا ڪير پنهنجي پيارن کي اهڙي اذيت مان گذرندو پنهنجي اکين سان ڏسي سگهندو؟ ڌاڙيل جي ان عمل مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڌاڙيلن جي اڳيان بلڪل ئي بيوس آهي، جن تي ڏوهارين جي ڪا اک ئي ڪا نه ٿي ٻڏي.
اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل ويجهو آر ڊي 52 مان پنهنجي اوطاق تي ويٺل استاد بهرام کوسي کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا، جنهن جون ڌاڙيلن سوشل ميڊيا تي ويڊيوز وائرل ڪري ڇڏيو آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جاهل ۽ اڻ پڙهيل ڌاڙيل، سينيئر استاد بهرام کوسي کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، جنهن سبب ان جي چهري تان رت ڳڙندي نظر اچي ٿو.
ويڊيو ۾ استاد بهرام کوسي کي ڌاڙيل لٺيون هڻندي اهو چئي رهيا آهن ته پنهنجي وارثن کان پنج ڪروڙ رپيا روڪ رقم، گهڙيون، موبائل، ۽ بوسڪي جا وڳا بطور ڀنگ طور ڌاڙيلن کي وٺي ڏيو، جيڪي لفظ استاد بهرام کوسو ورجائيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڌاڙيل جي ان ڏاڍ مڙسي جو نه ته سنڌ حڪومت ۽ نه ئي وري پوليس جي اعليٰ علمدارن ڪو نوٽيس ورتو آهي. ان عمل ئي مان امن و امان جي معاملي متعلق سندن عدم دلچسپي وائکي ٿئي ٿي.
سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کان مايوس ٿي گذريل ڏينهن کوسا برادري جا هزارين ماڻهو هٿيار کڻي ڌاڙيلن جي پٺيان ويل آهن، پر پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا ان ڳالهه کان بي خبر ۽ لاتعلق بڻيل آهي. جنهن سبب ڪنهن وڏي خونريزي جي امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي.
جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو فرض ۽ پنهنجي ذميداري نڀائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيندا ته ظاهر ڳالهه آهي شريف ۽ پرامن ماڻهو به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ قانوني حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويندا.
گذريل نگران حڪومت ۾ ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ ڪشمور شهر ۾ پڻ اهڙي طرح مزاري برادري جي سوين ماڻهن جديد هٿيار کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن تي مارچ ڪري ماڻهن ۾ خوف و هراس پکيڙيندا رهيا، ياد رهي ته ساگر ڪمار کي ڪشمور شهر جي موبائل مارڪيٽ مان ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا ۽ ان جون پڻ اهڙي ريت ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون هيون.
سنڌ جا ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار بڻجي خوف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڇاڪاڻ ته اهي خود کي پنهنجي گهرن ۾ به غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، جنهن سبب سندن ڪاروبار وغيرهه پڻ بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي، ته ٻي طرح هر خوف کان آجا ڌاڙيل امير غريبي جو ڪو فرق ڪرڻ بنا ئي ماڻهو اغوا ڪري رهيا آهن، ۽ سندن وارثن کان ايتري ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وڃي ٿيندي، جيڪڏهن ان جي گهر جا سڀئي ڀاتي به وڪرو ڪيا وڃن تڏهن به اها پوري نه ٿي. ڀلا هڪ استاد پنج ڪروڙين رپين جي ڪثير رقم ڪٿان آڻيندو، ۽ پنج ڪروڙ رپين ڀرڻ کان پوءِ ان جي گهر ۾ باقي بچندو؟
ڪجهه ئي مهينا اڳ ڪشمور جي ڳوٺ شاهه مراد کوسي ۾ هڪ اوطاق تي ترسيل پنجاب واسي پيرسن شخص اسلم آرائين، جيڪو ڏينهن جو مختلف ڳوٺن ۾ قلفيون کپائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو هو، ۽ رات جو ڪنهن نه ڪنهن جي اوطاق تي اچي ترسندو هو. جنهن کي رات جو ڌاڙيل اغوا ڪري ويا ۽ سندن واثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي، هڪ پورهيت وٽ، هن مهانگائي واري دور ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي رقم جي جمع هوندي اهو ته ممڪن ئي ناهي. بي رحم ڌاڙيل ڀنگ نه ڏيڻ تان ان پورهيت اسلم آرائين کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو اهڙو وحشي غير انساني ڪارنامي کي ويڊيو ۾ رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو.
ڌاڙيل جي ڪنهن به ڪڌي عمل ۽ وحشيت سان ڀرپور ڪارروائي يا ڪنهن به غير انساني عمل تي افسوس ته آهي ئي پر ان کان وڌيڪ تعجب ۽ ڏک تڏهن ٿيندو آهي جڏهن پوليس اهڙن ظلمن کي روڪڻ لاءِ ڪک به ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪندي. خدارا ! سنڌ کي وحشي ۽ خونخوار ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏيو. حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ۾ بنا دير قانون جي بالادستي قائم ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، بدامني ۽ قبيلائي جهيڙن کي ٻنجو اچي سگهي.