سنڌ هاءِ ڪورٽ جو پارليامينٽ ميمبرن کي تڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري اسپتالن جي حالت زار بهتر بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ ميمبرن کي پنهنجي چونڊ تڪن جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت هدايت ڪئي ته  پارليامينٽ ميمبر رڳو ڪينسر يا ڪنهن خطرناڪ بيماري جو علاج پنهنجي علائقي کان ٻاهر ڪرائن، عدالت چيو ته سرڪاري اسپتالن جي حالت زار ان طرح ٺيڪ ٿيندي تنهن ڪري حڪومت اهڙي پاليسي بڻائي جنهن سان وارڊ کان وٺي پارليامينٽيرينز تائين پنهنجي تڪ جي سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرائن، شهرين کي طبي سهولتون فراهم نه ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 9 جي ڀڃڪڙي آهي، ان لاءِ صحت جي سهولت فراهم ڪندڙ ادارن کي هر صورت ۾ طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي وڃي،عدالت چيو ته  چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪريٽري صحت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.