ابليس جون  ڳالهيون نه ٻڌندا ڪريو

تحرير: امر جليل

اڄ جي ڪٿا لڳ ڀڳ ويهه سال پراڻي آهي.ڪيترائي ڀيرا اڳ بھ شايع ٿي چڪي آهي. هر هر پڙهي وئي آھي. هيءَ ڪٿا هر هر انڪري  پڙهي ويندي رھي آھي، ڇاڪاڻ ته اهو واقعو هر هر ورجائبو رھبو آھي. جيڪو واقعو هر هر ورجايو وڃي اھو واقعو گذرندڙ وقت سان گڏ پوڙھو ناھي ٿيندو. جيڪڏهن توهان هيءَ ڪٿا پڙهي چڪا آهيو ته ٻيون يا ٽيون ڀيرو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ڪو حرج ناهي. اها ڪا اچرج جي ڳالهه نھ آهي. ائين ٿيندو رھيو آهي ۽ ائين ٿيندو رهندو. جيڪڏهن توهان کي ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا ٻڌڻو پوي ته پاڪستان قائداعظم ٺاهيو هو ،ته ان ۾ ڪو به حرج نھ آهي. ڇا پاڪستان قائداعظم نه ٺاهيو هو؟ ڇا پاڪستان ڪنهن ايري غيري نٿو خيري ٺاهيو هو؟ توهان کي ڏينهن ۾ ڏھ  ڀيرا، ويھھ ڀيرا ٻڌڻو پوندو ته پاڪستان قائداعظم ٺاهيو هو. منھنجي توهان کي گذارش  آھي تھ ڪيئي ڀيرا اڳ پڙھيل ڪٿا توھان وري پڙھي ڏسو. توهان کي لڳندو تھ توھان اڄوڪي ڪٿا  پھريون ڀيرو پڙھي رھيا آهيو.ڪٿائون ھونديون ئي ان مقصد جي لاءِ آھن تھ جڏھن بھ توهان  ڪا ڪٿا پڙھو،توھان  محسوس ڪريو ته توهان ھي ڪٿا  پهريون ڀيرو ٻڌي رهيا آهيو.ان جي پٺيان ڪو فلسفو لڪيل نھ آھي.

صفا سڌي ڳالھه آهي.جيڪڏھن هڪ دفعو توهان جي سمجهه ۾ اچي وڃي،تھ  پوءِ توهان ڪيترن ئي جھنجھٽن کان آزاد ٿي ويندا.توھان سچ ۽ ڪوڙ جي ڇڪ ڇڪان کان  مڪتي حاصل ڪري وٺندا. توهان محسوس ڪندا ته توهان ڪٿا ۾ جيڪو ڪجھه ٻڌي رهيا آهيو، اهوئي  سچ آهي.ان کانسواءِ  ڪو به سچ نه آهي. تھ پوءِ پراڻي ڪٿا ٻڌو، جيڪا توهان هر هر ٻڌي چڪا آهيو. توهان محسوس ڪندا ته ُپراڻي ڪٿا  توهان  زندگي ۾ پهريون ڀيرو ٻڌي رهيا آهيو. مان توهان سان واعدو ڪريان ٿو ته، ڪٿا جيڪڏهن توهان کي نئين محسوس نھ ٿئي، ته پوءِ توهان کان ورتل رقم مان توھان کي وياج  سميت  واپس ڪري ڇڏيندس.

اڄ جي ڪٿا جو پس منظر ھڪ ڀونچال کانپوءِ نروار ٿيل حالتن سان آھي.توھان ڀونچال جو مطلب تھ سمجھو ٿا نھ ؟  ڀونچال  جو مطلب آھي زلزلو. جيئن ته هن ڪٿا جو سڌو سنئون تعلق ڪنهن ٻئي عقيدي سان آهي،تنھنڪري لامحالھ ڪٿا ۾ توهان جو واسطو پرائين ۽ اوپرن يعني اڻڄاتل لفظن سان پوندو.ويھن سالن جي لڳ ڀڳ پراڻي ڪٿا آھي.بالاڪوٽ ۾ آيل ڀونچال ھماليھ جي ننڍن وڏن سلسلن کي ڌوڏي ڇڏيو ھو.ھماليھ رڳو اسان وٽ نھ ھوندو آھي،ڪجھه ڪجھه ھماليھ اسان وٽ آھي.ڪجهه ھماليھ چين ۾ آھي هماليه جو ڪجهھ حصو هندستان ۾ آهي ۽ هماليه جو ڪجهھ حصو نيپال ۾ آهي. انسان ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ورھاست،ڀاڱا ڪري دنيا کي سوين ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ڪي ملڪ ننڍا ۽ ڪي ڪمزور آهن. ڪي ملڪ وڏا ۽ طاقتور آهن. طاقتور ملڪن ڪمزور ۽ ننڍن ملڪن تي پنهنجي ھڪ ھٽي  قائم ڪري ڇڏي آهي. پر فطرت جا پنهنجا اٽل قانون آهن.قدرت ملڪن وچ ۾سرحدن کي قبول نه ٿي ڪري.قدرت جي نظام کي جاري ۽ ساري رھڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت نھ ٿي پئي. پاڪستان جي مٿان گھمندڙ ڪڪر اجازت وٺي هندستان نه ٿا وڃن. برسات ويزا وٺي ڪٿي نھ وسندي آهي. برسات ويزا وٺي فرانس کان پوءِ بيلجيم ۾ نھ ٿي پوي،پکڙندڙ مرض پاسپورٽ تي سفر نه ڪندا آھن. قدرتي آفتون مخصوص قوم يا عقيدي جي ماڻهن کي ھدف نٿيون بڻائين، انساني ذات جي تاريخ ۾ ھڪڙو مثال نه ٿو ملي، جنهن ۾ قدرتي آفتن هڪ عقيدي، هڪ ثقافت، هڪ ٻولي، هڪ رنگ، هڪ نسل جي ماڻهن کي  دنيا مان ئي مٽائي ڇڏيو هجي.بالاڪوٽ تي آيل زلزلي پاڪستان ۽ ھندوستان ۾ جبلن کي ڌوڏي ڇڏيو ھو. انھيءَ لمحي  نيپال ۾ ڀونچال گھڻو ڪجھه ناس ڪري ڇڏيو ھو.سڄي دنيا جي ملڪن آفت متاثر علائقن تائين هر نوعيت جو امدادي سامان پهچائي ڇڏيو ھو.ڀڳل ٽٽل جبلن جي وچ ۾ هڪ جاءِ تي خيمن جي وسندي آباد ٿي وئي ھئي.تباھ ٿيل ماحول ۾ رنگ برنگي خيمن ۾موت ۽ زندگيءَ جي ڊرامي ۾ ان اداس رنگيني کي ساهه کڻڻ جو سبق بڻائي ڇڏيو ھو.ھڪ نيري رنگ جي فرانسسي خيمي ۾ ڇهه ست ٻار مختلف ڊزائنن جا ڪمبلن اوڍي ويٺا هئا. اهي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ ۽ مٽ مائٽ نه هئا.خوفناڪ آفت کين درد جي رشتي ۾ ڳنڍي ڇڏيو هو. ھنن جا ماءُ پيءُ، ڀائر ۽ ڀينرون مري ويا هئا. اهي حيران ھئا تھ انھن سان ھي سڀ ڪجھه ڇا ٿي ويو هو.

ڪجهه دير اڳ هنن هڪ سياڻي کان سياڻپ  جون ڳالھيون ٻڌيون ھيون. سياڻي سائين ھنن کي ٻڌايو هو ته جڏهن سماج بداخلاق ،بدڪردار ۽ پاپي ٿي وڃي ٿو، تڏهن قدرت انھن کي سبق سيکارڻ جو اٽل اردو ڪري ٿي ۽ انھن مٿان آفت نازل ڪري ٿي.ڊپ ۾ ورتل ٻار دٻيل دٻيل آواز ۾ هڪ ٻئي کان پڇي رهيا هئا ته سندن پيءُ ڪير ھئا ؟ اھي ڇا ڪندا ھئا؟ ڌاڙو ھڻندا ھئا ؟ ڦرلٽ ڪندا ھئا؟ غلط ڪمن ۾ شامل ھئا ؟قتل ڪندا ھئا ؟ جيڪڏھن اھي صفا خراب  ماڻھو ھئا تھ ان جي سزا اسان ٻارن کي ڇو ڏني پئي وڃي ؟ سڄي دنيا جا سياڻا پنھنجا جاسوس اسان جي وچ ۾ ڇڏي ڏيندا آھن. ٻارن جي ڳالھھ سياڻي سائين تائين پهچڻ ۾ دير نھ لڳي، ٿوري دير کان پوءِ سياڻو سائين ٻارن وٽ پهتو. ٻار سياڻي سائين کي ڏسي حيران ٿي ويا.سياڻي سائين  ٻارن کي چيو. ”ڪالھھ  رات توهان جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا، اھي توھان نھ ھئا. توهان جي اندر ۾ ويٺل ابليس توھان کي گمراھ ڪري رھيو ھو. ابليس جون ڳالھيون نھ ٻڌندا ڪريو “

(روزاني جنگ تان ورتل)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.