پاڪستان اندر هن سال فيبروري ۾ ٿيل عام چونڊن کان پوءِ جيڪو سياسي ماحول جڙيو هو ان مطابق سياسي طور تي ڪا به پارٽي ايتري اڪثريت نه کنئي هئي جو هو اڪيلي حڪومت ٺاهي سگهي اهڙي ماحول بعد ن ليگ اها دعويٰ ڪئي هئي ته اها حڪومت ٺاهي رهي آهي پر پ پ وارن انهن جو ساٿ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو هو بعد ۾ جڏهن عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ جي رپورٽ آئي ته ان کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ڪرايون جنهن ۾ عالمي سطح تي خاص ڪري سعودي عرب جي اعتراض کان پوءِ پي ٽي آءِ ، مجلس وحدت المسلمين سان اتحاد ڪرڻ کان ڦري وئي هئي.ان وقت خاص ڪري آمريڪا ۽ سعودي عرب کي ان تي پريشاني ھئي.ان سلسلي ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي ڳجھي اداري جا عملدار پاڪستان پھتا هئا،جن اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان رابطو ڪري کين پنھنجي ڳڻتي کان آگاھ ڪيو هو.جنھن کان پوءِ پي ٽي آءِ، ان سان اتحاد نه ڪيو هو.
ان وقت ئي جرندڙ حڪومت بابت اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته اها حڪومت ڪو گھڻو وقت نه ھلي سگھندي،اھڙي ريت اسٽيبلشمنيٽ آصف علي زرداري سان رابطو ڪري، ن ليگ ۽ پ پ جي ٻنهي ڌرين کي گڏ ويھاري حڪومت لاءِ فارمولي کي فائنل ڪيو هو.جنھن ۾ وزارت اعظميٰ ۽ ان سان گڏ اسپيڪر ن ليگ جا ھوندا.صدر ۽ سينٽ چيئرمين پ پ جا ھوندا ۽ پ پ کي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گورنرشپ ڏني وئي هئي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ ن ليگ گورنر مقرر ڪيا ويندا. آڌي رات جو اهو معجزو ڪيئن ٿيو ؟ حڪومت جوڙڻ بابت ته 21 فيبروري واري رات دير سان ملڪ جي طاقتور حلقن ھڪ شخصيت کي حڪومت جي جوڙجڪ جو ڪم سونپيو هو. عالمي ريٽنگ اداري فچ جي ان رپورٽ بعد ٿيو. ان اداري پاڪستاني وقت موجب 19 فيبروي جي رات دير سان اھا خبر ڏني ھئي.جنھن ۾ ملڪ جي مالي پوزيشن ۽ چونڊن بعد نئين سر چونڊن طرف وڃڻ ۽ پيدا ٿيل تعطل جي ڪري ملڪ ۾ ٿيل سيڙپ ۽ آءِ ايم ايف جو جيڪو معاھدو ممڪن ھو اھو خراب ٿي سگھيو پئي جنھن تي پاڪستان گھڻو پريشان ٿي ويو هو.طاقتور ڌرين جلد ئي شھباز شريف سان رابطو ڪيو هو.جنھن بعد ان شخصيت آصف علي زرداري سان به رابطو ڪري کيس حڪومت جوڙڻ تي راضي ڪيو هو.اھڙي ريت 20 ۽ 21 فيبروري جي رات دير سان حڪومت جوڙڻ جو اعلان ٿيو.ان کانپوءِ حڪومت سازي جي مرحلي مڪمل ٿيڻ سان دنيا کي اھو پيغام ويو آھي ته ملڪ ۾ حڪومت جڙي رھي آھي.جنهن بعد موجود سرڪار پنهنجي منصب ماڻڻ ۾ ڪامياب ويئي پر ن ليگ حڪومت ماڻڻ کانپوءِ گهربل معيار يعني جيڪي هنن عوام سان وعدا ڪيا هئا سي پورا ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويئي آهي. ان وقت ئي سياسي ماهرن اهو چيو هو ته هي جيڪا حڪومت جُڙي رهي آهي اهان صرف ٻه سالن تائين هلندي جنهن جون نشانيون هاڻي سان ئي ظاهر ٿي رهيون آهن جو آمريڪي معاشي ريٽنگ ايجنسي موجوده سرڪار کي ڏيڍ سال تائين هلڻ جي رپورٽ ڏني آهي.
فچ ريٽنگ هڪ آمريڪي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي آهي. هي "بگ ٿري ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين” مان هڪ آهي، باقي ٻه آهن موڊيز ۽ اسٽينڊر ۽ پوئر آهن هي ايجنسي 1975 ۾ يو ايس سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاران نامزد ڪيل ٽن قومي طور تي تسليم ٿيل شمارياتي درجا بندي جي تنظيمن مان هڪ آهي. فچ جو هيڊڪوارٽر آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ آهي.فچ رکي رکي مختلف ملڪن بابت معاشي توڙي سياسي رپورٽون جاري ڪندي رهندي آهي جيڪي تقريبن درست ثابت ٿينديون آهن.
پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت فچ هيل تائين جيڪي به اڳڪٿيون ڪيون آهن اهي درست ثابت ٿيون آهن تازي رپورٽ ۾ به عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان بابت جيڪا رپورٽ جاري ڪئي آهي ان ۾ هن اهو چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ آزاد نه ٿيندو. هي حڪومت ڏيڍ سال هلندي بعد ۾ ن ليگي حڪومت ختم ٿي ويندي.۽ ٽيڪنو ڪريٽس جي نئين حڪومت ٺهي ويندي.هن ايجنسي اهو به چيو آهي ته ايندڙ سال پاڪستان جي زراعت کي سيلاب سان گڏوگڏ خشڪ سالي کي منهن ڏيڻو پوندو.رپورٽ ۾ فيبروري 2024 جي اليڪشن ۾ جيڪي آزاد اميدوارن کٽي آيا انهن کي عمران خان جي حمايت حاصل هئي. هلندڙ سال جي آخر تائين اسٽيٽ بئنڪ شرح سود کي 14 فيصد تي کڻي ايندي.
جيڪڏهن حڪومت تبديل ٿي ته ملڪ ۾ نئين اليڪشن نه ٿيندي.موجوده سال جي آخر تائين ڊالر 290 تائين ۽ 2025 ۾ ڊالر ريٽ 310 تائين وڃڻ جي پيشنگوئي ڪئي آهي.
معاشي درجابندي واري اداري فچ پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي تازي رپورٽ ۾ اها اڳڪٿي ڪئي آهي ان مان ڪجھه ڳالهيون ظاهري طور درست ثابت ٿي رهيون آهن جنهن ۾پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان ويجهي مستقبل ۾ واقعي قيد ۾ ئي رهندو ڇو ته هن جون جنهن به ڪيس ۾ ضامتون ٿين ٿيون يا ڪورٽ بريت جو فيصلو ٻڌائي ٿي ته هن کي ڪنهن نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو ان کان علاوه معاشي خبرون به اهو ٻڌائين ٿيون ته ملڪ کي اڳتي هلي اڃا ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا جنهن سان معاشي مضبوطي ته ايندي پر عوام عتاب هيٺ ايندو.
هن وقت فچ جي وڏي ڇوڪائيندڙ رپورٽ اها آهي ته هن پاڪستان جي موجوده مسلم ليگي حڪومت کي 18 مهينن تائين برقرار جي ڳالھ ڪئي آهي پر ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن عمران خان کي جيڪو رليف ملي رهيو آهي ان مطابق اهي ارڙهن مهينا نه بلڪه ايندڙ ارڙهن ڏينهن به اهم آهن.فچ جيڪا خبر پاڪستان جي سياست بابت ڏني آهي ان بعد سياسي مداري پريشان ٿي ويا آهن.هاڻي ڏسجي ته فچ جي اها رپورٽ ايندڙ وقت ۾ ڪيتري قدر درست ثابت ٿئي ٿي يا وقت کان اڳ پاڪستان اندر ڪو نئون سياسي ڀونچال پيدا ٿئي ٿو ڇو ته حالتون ن ليگ پاڻ مرادو خراب ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن جو اهم ثبوت اهو آهي ته هو مخصوص سيٽن جي فيصلي بعد پي ٽي آءِ مٿان پابندي هڻن ۽ سندن اڳواڻن تي آرٽيڪل ڇھه هڻڻ جو ڳالهيون ڪري سياسي ماحول خراب ڪري رهي آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هي سرڪار گهڻو وقت هلي نه سگهندي.