ڪوئيٽا (پ ر) نيشنل پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات اسلم بلوچ جي اڳواڻي ۾ نيشنل پارٽي ۽ بي ايس او پجار جي نمائندي وفد گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ بي ايس او پجار جي مرڪزي چيئرمين بوهير صالح بلوچ، نيشنل پارٽي جو مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر اسحاق بلوچ، حاجي فاروق شاهواڻي، ڊاڪٽر رمضان هزارا، اڳوڻي ايم پي اي ۽ مرڪزي عورت سيڪريٽري ياسمين لهڙي، عبدالواحد بوزدار ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي هن بيبرگ بلوچ، بيبو بلوچ، حوران بلوچ، ماما قدير بلوچ، نصرالله بلوچ ۽ ظهير بلوچ سميت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته نيشنل پارٽي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان گڏ آهي. پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سرياب ۾ عورتن تي پوليس تشدد جي سخت مذمت ڪندي ان کي وحشياڻو قرار ڏنو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسلم بلوچ چيو ته پهرين ڏينهن کان اسان جو موقف آهي ته بلوچستان جو مسئلو سياسي آهي ان کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچ سماج ۾ عورتن تي تشدد انتهائي بزدلاڻو عمل آهي، پر جعلي حڪمرانن ۽ رياستي ادارن پاران عورتن ۽ معصوم نياڻين تي سرعام تشدد ڪري بلوچ قوم جي دلين ۾ جيڪا نفرت پيدا ڪئي آهي، اها ناقابل بيان ۽ قابل مذمت عمل آهي، بي ايس او پجار جي مرڪزي چيئرمين بوهير صالح بلوچ چيو آهي ته بلوچستان ۾ رياستي جبر ۽ تشدد پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي، بلوچستان جي سمورين سياسي پارٽين ۽ شاگرد تنظيمن جو لاپتا ماڻهن جي معاملي تي هڪ ئي موقف آهي ته هاڻ نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ واري راند کيڏڻ نه ڏيندا. هاڻ ڪو به نوجوان گم ٿيو ته ان جو ذميوار رياست هوندا ۽ کيس آزادي تائين ڌرڻو جاري رهندو.