سپريم ڪورٽ نظريه ضرورت کي وري زندهه ڪري ڇڏيو ؟

اسلام آباد( عمران شفقت) جيڪي ماڻهو هن ملڪ کي اسڪرپٽ ذريعي هلائڻ چاهين ٿا انهن لاءِ ” ويڪ اپ ڪال“ آهي ته هو  aسجاڳ ٿي وڃن، جيڪڏهن انهن ماڻهن اڄ به ملڪ جي ڳنڀير صورتحال ۾ قانون، آئين ۽ جمهوريت جي تقاضائن کي نظر انداز ڪري فيصلا ڪيا ته سڀاڻي حالتون اڄ کان وڌيڪ سنگين ٿي وينديون. مخصوص سيٽن جي حوالي سان جيڪو سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٿيو آهي ان سان بحران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو، جيڪو سياست کان وڌيڪ معيشت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو.مخصوص سيٽن جي حوالي سان جيڪو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي ان اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عدليه ملڪ ۾ هڪ دفعو وري نظريه ضرورت واري ٿيوريءَ کي زندهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن متعلق عدليه چوندي رهي آهي ته اسان نظريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. هن فيصلي ۾ قاضي فائز عيسى کي اهو ڪريڊٽ ضرور ڏيڻ گهرجي ته هُن چيف جسٽس هوندي به هن فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، هُو چاهي ها ته هم خيال ججن تي مشتمل هڪ بينچ جوڙي هن فيصلي کي مينيج به ڪري پئي سگهيو پر هُن ائين نه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نشانو نه ته ڪا سياسي جماعت آهي ۽ نه ئي پارليامينٽ آهي پر ان جو نشانو پاڪ فوج آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ۽ قيادت هاڻي کلي ڪري چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آثم منير تي تنقيد ڪن ٿا. اصل ۾ هي فيصلو ته ان ڏينهن ئي لکيو ويو هو جڏهن سائفر جو فيصلو لکيو ويو هو، سائفر ڪيس ۾ ته پاڪستان ” بريچ“ ڪري چڪو هو.جڏهن عمران خان پاور کان ٻاهر هو تڏهن به آمريڪي سفير ساڻس باقائدگيءَ سان ملاقات ڪندو هو. پاڪستان عالمي سطح جي سياسي راند ۾ ٻن طرفن کان ڇڪيو پيو وڃي. ججن کي گهرجي ته هو آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڏين، انهن کي اهو چوڻ ته هو الله تعالى آڏو جوابده آهن يا هو ضمير مطابق فيصلا ڪندا ڪنهن به طور تي مناسب نه آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان لڳي ٿو ته جهڙوڪر آئين ۾ پنهنجي طرفان شقن کي نئين سر لکيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان اهو ٿو لڳي ته جهڙوڪر هڪ پارٽيءَ کي دفن ڪري ٻئي پارٽيءَ کي زندهه ڪيو ويو آهي.هن ملڪ جي وس وارن کي گهرجي ته هاڻي هو پنهنجن پنهنجن کيس مفادن کي ختم ڪري ادارن کي ڏسن. موجوده صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ پاران آئيني ترميمن جو پيڪيج تيار پيو آهي جنهن کي پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويندو، ان ۾ جنرلز جي پوسٽنگ، ججن جي صوبن اندر روٽيشن ۽ ججن جي برطرفي شامل آهن. مخصوص سيٽن جي حوالي سان جيڪو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو آهي اهو نه ته ملڪ جي محبت ۾ آهي، نه ته جمهوريت ۽ عوام جي محبت ۾ آهي، اهو فيصلو هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ڪرسيءَ جي محبت ۾ ڪيو آهي.

  • غوثپور مان 3 پورهيت اغوا ، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور مان هٿياربندن 3 ڄڻا نواب علي، مشتاق ۽ نظير احمد بجاراڻي کي اغوا ڪري ويا،  مغوين جي وارثن موجب، ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد بيگاري ڪئنال وٽ هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو آهي،گهر نه پهچڻ تي ڳولا ڪئي ته بيگاري ڪئنال وٽ سندن جتيون ۽ سامان پيل هو. ٻئي طرف مغوين جي آزادي لاءِ وارثن انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ يار محمد بجاراڻي رهواسي تي نوجوان نواب علي، وارثن ضمير احمد، فقير محمد، رب نواز، گل حسن بجاراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين مغوي بازياب نه ٿيندا ايستائين احتجاج جاري رهندوانڊس هاءِ وي بند هجڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جو سوين قطارون لڳي ويون.

  • سپريم ڪورٽ جي فيصلي جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا: خواجا آصف

سيالڪوٽ (م ڊ ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي  فيصلي ۾ آئين ٻيهر لکيو آهي جيڪو پارليامينٽ جو حق آهي.دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قانونسازي پارليامينٽ جو استحقاق آهي، سمورن ادارن جي ذميواريون آئين ۾ لکيل آهي، عدليه جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي.هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته بطور سياستدان اسان کان تمام گهڻيون غلطيون ٿيون آهن، سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي فيصلي ۾ ٻيهر آئين لکيو آهي، فيصلي سان گڏ رليف به ڏنو ويو آهي.خواجه آصف چيو ته عدالت ۾ پي ٽي آءِ نه پر سني اتحاد ڪائونسل آئي هئي، جيڪا درخواستگذار ئي نه هئي ان کي رليف ڏنو ويو، جنهن اليڪشن ڪميشن ۾ سني اتحاد ڪونسل حلف ناما جمع ڪرايا هئا اهي واپس نٿا ٿي سگهن، جڏهن ٻه ٻه حلف کڻندڙ اسيمبلي ۾ پهچي ويندا ته اسيمبلي جي ڪهڙي اوقات رهجي ويندي. پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي چونڊ نشان وڃائڻو پيو.دفاع واري وزير چيو ته پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن سمورا ايگزيڪٽو ادارا آهن، اعليٰ عدليه سياسي معاملا سامهون رکي فيصلا نه پئي ڪري صورتحال سان وڏو پنڊورا باڪس کلي ويو آهي، قومي مستقبل لاءِ اها ڳالهه سٺي نه آهي، اسان هن وقت به پارليامينٽ ۾ 209 ميمبر آهيون، عدليه جو سياست ۾ مداخلت جو معاملو ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل جو فيصلو سومر تي پارليامينٽ ۾ ڪيو ويندو، فيصلي ۾ ڪيتريون ئي آئيني شقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، فيصلي تي رد عمل اتحادين جي مشاورت کان پوءِ ڏينداسين، معاشري ۾ اڳ ئي تفرڪو پکڙيل آهي، معاشي حالتون اڳ ئي تمام گهڻيون خراب ٿي چڪيون آهن ان کي وڌيڪ خراب نٿو ڪري سگهجي.

  • ڳالهين لاءِ عمران خان ٽي شرط رکي ڇڏيا

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته مان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، پر  شرط آهي ته پهريان منهنجي خلاف ڪيس ختم ڪيا وڃن. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ 190ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري ۾ موجود صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم  چيو ته مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو هاڪاري اڳڀرائي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان عوام کي اميد ملي آهي. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي الزام مڙهيندي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته اسٽيبلشمنٽ ۽ قاضي فائز عيسيٰ ڪٿي بيٺا آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسان کان پارٽي نشان کسيو هو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان سوال آهي ته ڇا اخلاقي طور کيس منهنجي ڪيسن ۾ ويهڻ گهرجي؟ ڇو ته جسٽس گلزار جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني  بينچ چيو هو ته قاضي فائز عيسيٰ کي منهنجي خلاف ڪيس نه ٻڌڻ گهرجن. هن چيو ته منهنجي خلاف چيف جسٽس جي زال جا بيان رڪارڊ تي آهن. عدالت ۾ موجود صحافي بابر ملڪ موجب عمران خان چيو ته ننڍڙي اشرافيه ملڪ تي قابض  آهي ۽ سپريم ڪورٽ ئي ان اشرافيه کي قانون جي هيٺان آڻي سگهي ٿي. هن چيو ته ايندڙ سال جي بجيٽ موجوده بجيٽ کان وڌيڪ سخت هوندي. عوام تي ٽئڪسن جي برسات ڪئي پئي وڃي. اسيمبلين ۾ "ان هائوس تبديلي” بابت ٻين پارٽين سان ڳالهائڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ته عمران خان چيو ته مان ڪنهن جوڙ ٽوڙ جو حصو نه بڻجندس، ملڪ کي بچائڻ جو واحد رستو صاف ۽ شفاف چونڊون آهن. هن چيو ته مان ڳالهين لاءِ تيار آهيان پر اسان جا ٽي شرط آهن. عمران خان چيو ته هڪ ته منهنجا ڪيس ختم ڪريو، ٻيو اسانجي ماڻهن کي آزاد ڪيو ۽ ٽيون اسانجو مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي. عمران خان دعويٰ ڪئي ته ”مان اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٻه ڀيرا ڳالهيون ڪيون. ان وقت اسان اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي ٺاهي هئي ۽ ان وقت اسان کي ٻڌايو ويو هو ته آرمي چيف چونڊون نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. عمران خان چيو ته هڪ سال کان جيل ۾ آهيان ۽ صرف ٽي طعام کائي رهيو آهيان، ڪتاب پڙهندو آهيان، ورزش ۽ عبادت ڪندو آهيان. هن چيو ته بک هڙتال ڪنداسين ۽ عالمي سطح تي ان کي اٿارينداسين. هن الزام هڻندي چيو ته جيل ۾ آفيسرن جي بدلي ڪرائي پئي وڃي ۽ هو سمجهن ٿا ته مان ڊڄي ويندس پر مان ڊڄڻ وارو ناهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.