سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکربئراج جي ٻن دروازن کي نقصان پهچڻ وارو معاملو ،ڪراچي جي شپ يارڊ ڪمپني جي محنت سان گيٽ نمبر 47 کي لڳائڻ وارو ڪم جاري آھي 20 جولائي تائين ڪم مڪمل ٿي ويندو سکر بئراج انتظاميا، ان سلسلي ۾ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کھيڙو ۽ چيف انجنيئر منصور ميمڻ، ايڪسيئن زاهد مغل جي نگراني هيٺ ڪم تيزي سان جاري آھي، ڪراچي شپ يارڊ جي ڪاريگرن گيٽ نمبر 47 جو هڪ حصو لڳائي ڇڏيو، ٻي حصي تي ڪم جاري آهي، سکر بئراج انتظاميا موجب 50 ٽن وزني ۽ 60 فوٽ ويڪرو 23 فوٽ اوچو گيٽ ھنيو پيو وڃي، ٻئي حصي جي مڪمل ٿيڻ بعد ٽيون حصو به لڳائي مڪمل ڪيو ويندو،21 ڏينهن کان مسلسل محنت ڪري رهيا آهيون،47 گيٽ جلد مڪمل ڪري 44 گيٽ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، انشاءَ الله 20 جولائي تائين گيٽ 47 جو ڪم مڪمل ٿي ويندو،