ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومت ڄاڻايو هو ته ڪارسر کي گرينائيٽ جي کوٽائي وارو علائقو قرار ڏنو وڃي جيڪو ٻيلي کاتي جي ڪليئرنس سان مشروط آهي. جڏهن ته پنهنجو خيال آهي ته کارسر جو جابلو سلسلو ڪارونجهر جو ئي حصو آهي ۽ ان جي ڪٽائي ڪرڻ ڪارونجهر کي ئي ڪورڻ آهي. ٻيو ته کارسر جي ڪٽائي ٻيلي کاتي جي اجازت سان نه پر سنڌ جي عوام جي اجازت سان مشروط هئڻ گهرجي.
ان حوالي سان اهي به رپورٽون آهن ته کارسر جي رهواسين کوٽائي جي سخت مخالفت ڪندي مذاحمت جو اعلان ڪيو آهي ۽ سڄي سنڌ جي عوام کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. کارسر واسين جو چوڻ آهي ته کارسر جي ڪٽائي سان قديم ڳوٺ به مسمار ٿيندا جنهن سان اڍائي ٽي هزار آبادي متاثر ٿيندي. جڏهن ته سنڌ جي ساڃاهه وندن جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي نه ڪرڻ جو شو شو ڇڏي وري هٿ کڻي ويندي آهي جيڪا حڪومتي روش انتهائي خطرناڪ آهي.
سو بهتر اهو آهي ته حڪومت ڪارونجهر جي ڪٽائي جي معاملي تي واضح پاليسي جوڙڻ جو اعلان ڪري ۽ اها پاليسي جوڙڻ کان اڳ سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ قوم پرستن جماعتن کان اين او سي وٺي ۽ ان معاملي تي راءِ عامر جي روشني ۾ پاليسي جوڙي.
جيتوڻيڪ ڪارونجهر کي ڪٽڻ جون ڪوششون گهڻي وقت کان ٿينديون رهيون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل دور ۾ پڻ ڪارونجهر جي ڪٽائي شروع ڪئي وئي هئي، جنهن جي خلاف سخت عوامي ردعمل آڏو آيو هو ۽ جي يو آءِ جي سڏ تي سڄي سنڌ مان قافلا ڪارونجهر جبل تي پهتا هئا جتي مولانا راشد محمود سومري جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪارونجهر سان پنهنجي محبت ۽ ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو هو.
نگران حڪومت ايندي ئي ڪارونجهر ڪورڻ واري سلسلي ۾ وڌيڪ تيزي نظر اچڻ لڳي ۽ ايئن محسوس ڪيو پئي ويو ته نگران سرڪار کي پنهنجي مدت اقتدار دوران هر حال ۾ ڪارونجهر جبل کي ڪورڻ جو هدف ڏنو ويو هو، جنهن تي هو عمل ڪرڻ لاءِ انتهائي اتاولي نظر اچڻ لڳي، ايتري قدر جو نگران صوبائي وزير معدنيات خدا بخش مري ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي مخالفت ڪندڙ صحافين، اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ ساڃاهه وندن کي دشمن ملڪ جو ايجنٽ ۽ جاهل ڪوٺيو هو. ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته موجوده صوبائي سرڪار به نگران حڪومت جو تسلسل محسوس ٿي رهي آهي، ايئن لڳي رهيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت اهو هدف حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو نگران سرڪار نه ڪري سگهي هئي.
ايئن تازو سنڌ سرڪار هاڪس بي واري علائقي ۾ ڇهه هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏئي. ڇڏي آهي، جنهن سبب مختلف ديهن تي ٻڌل لڳ ڀڳ پنجيتاليهه قديم ڳوٺن کي بلڊوز ڪرڻ جو تياريون ٿي رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ پڻ سنڌ سرڪار سنڌ جي نهايت ئي قيمتي زمين ڀڳڙن مٺ تي بحريه ٽائون کي ڏئي ڇڏي هئي. جنهن جي خلاف پڻ مختلف وقتن تي احتجاج ٿيندا رهيا، پر انهن کي ڪا به اهميت ڏني وئي جڏهن مختلف پارٽين پاران بحريه ٽائون جي گيٽ ڌرڻو ڏنو ويو ته ان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ گيٽ کي باهه ڏني وئي، جنهن کي جواز بڻائي سوين سنڌي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري کين باندي بڻايو ويو ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
بحريا ٽائون جي تعمير سبب بي گهر ۽ در بدر ڪيل ماڻهو اڃان ڪٿي ٿانيڪا به ناهن ٿيا ته وري پنجتياليهه ڳوٺن تي ٻڌل سوين ماڻهن کان اجها کسڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. اهڙي ريت ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي کارسر کي پڻ ڪورڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جتي پڻ ڪيئي ڳوٺ، صدين کان آباد آهن. ڪارونجهر جي ڪٽڻ سنڌ جي تاريخ ، ثقافت ۽ فطرتي سونهن کي تباهه ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي پر امن ماڻهن تي حملي جي مترادف آهي.
سنڌي ماڻهو جنهن سياسي پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچائن ٿا، اها ئي جماعت جيڪا جمهوريت جي دعويدار به آهي ته عوام دوست به، اقتدار ۾ اچڻ ۽ پاور ملڻ کان پوءِ پنهنجي ماڻهن ۽ سندن ڳوٺن تي قانوني تحفظ ڏيڻ جي بدران کين دربدر ۽ بي گهر ڪرڻ جون حڪمتون عمليون جوڙيندي نظر ايندي آهي. جڏهن ان ناحق ۽ ناجائزي تي ناانصافي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي پر امن احتجاج ڪندا آهن ته مٿن لٺيون وسائڻ سان گڏ ڪيس به داخل ڪيا ويندا آهن.ڇا اها جمهوريت ان عمل جي اجازت ڏئي ٿي، جيڪڏهن اها عوامي دوستي آهي ته پوءِ آمريت ڪهڙي بلا جو نالو آهي.؟
بحريا ٽائون هجي يا هاڪس بي، سڪرنڊ هجي يا ڪارونجهر جتي سنڌي ماڻهو صدين کان آباد آهن، انهن کي لڏائڻ جي ڪوشش کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ آخر اهي ماڻهو ڪيڏانهن ويندا؟ سنڌ سرڪار وٽ انهن کي آباد ڪرڻ جي ڪهڙِي حڪمت عملي آهي؟ انهن سوالن جا جواب نه رڳو سنڌ سرڪار پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ، آصف علي زرداري سميت ٻئي قيادت کي ڏيڻ گهرجي ۽ انهن سوالن تي سنڌي ماڻهن کي پڻ غور ويچار ڪرڻ گهرجي ته آخر سنڌ حڪومت ساڻن اهڙو ورتاءَ پنهنجي هر دور ۾ ڇو ٿي ڪري؟
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ” ڪنگريٽ سٽي“ بڻجي ويو آهي، جنهن سبب گرمي پد ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. جتي زرعي زمينون ۽ باغ باغيچا ختم ڪري رهائشي اپارٽمينٽ تعمير ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪارڻ شهر تي آبادي جو دٻاءَ وڌڻ سان گڏ امن و امان سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته قانون سازي ڪري گهٽ ۾ گهٽ ويهه سالن تائين رهائشي اسڪيمن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ زرعي زمينن تي سوسائٽيون اڏڻ کي ڏوهه تسليم ڪيو وڃي. ته جيئن مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ واري خطري کي ختم ڪري سگهجي.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي آمريتي روش ترڪ ڪري سنڌ دشمن عمل کان پاسو ڪري ڪارونجهر سميت سنڌي ڳوٺن کي نه رڳو قانوني تحفظ ڏنو وڃي پر کين زندگي جي هر بنيادي سهولت پڻ ميسر ڪري ڏني وڃي جيڪو سندن حق ۽ اوهان جو فرض ۽ ذميواري پڻ آهي.