تنگواڻي ڀرسان رت جي راند، ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 7 زخمي

تنگواڻي ( رپورٽ: مھتاب ملڪ )  تنگواڻي ويجهو  جمال پوليس ٿاڻي جي ڳوٺ الھداد جعفري ۾ نندواڻي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7  ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،  ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ دوران علاقئو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، واقعو جعفري ۽ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ  پراڻي تڪرار تان جهيڙو پيش آيو. ، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. تنگواڻي ۾ جهيڙي دوران زخمين کي  ڪرمپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، تنگواڻي ۾ مارجي ويلن ۾ تاج محمد جعفري، انور جعفري ۽ مهراڻ عرف کنڊو نندواڻي شامل آهن، تنگواڻي   فائرنگ ۾ زخمي ٿيل قربان جعفري  . منصب جعفري . الله داد جعفري، صدام نندواڻي، نقيف نندواڻي، اصغر نندواڻي ۽ ٻيا شامل آهن. قتل ٿيل ٻن  ڀائرن تاج محمد جعفري حافظ انور جعفري جا لاش ٺل _ ڪنڌڪوٽ روڊ  صيفل اسٽاپ وٽ رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي وارثن علي محمد جعفري، علي نواز جعفري، عبدالحڪيم جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،  پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي هنن چيو ته ڪوڪاري گينگ جا هٿياربند اڳ به سري عام ڀتو گهرندا هئا اڄ حملو ڪري اسان جا 2 نوجوان قتل ڪري فرار ٿي ويا، سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدار سرعام ويٺا آهن پوليس ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري ھنن آ جي سنڌ ۽ ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيون ٿا قاتلن کي جلد گرفتار ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.