اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) صدر آصف علي زرداري اليڪشن ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي. اليڪشن ترميمي بل 2017ع جي سيڪشن 140 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 75 تحت بل جي منظوري ڏني. ترميم کانپوءِ اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر سروس جج جي مقرري جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشاورت ڪئي ويندي. صدر مملڪت جي منظوري کانپوءِ اليڪشن ترميمي بل ايڪٽ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ترميمي بل 28 جون تي قومي اسيمبلي ۽ 8 جولاءِ تي سينيٽ منظور ڪيو هو.
 
			