نينگري سان زيادتي واري ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  نينگري سان زيادتي جو ڪيس ۾دهشتگردي ٽوڙعدالت جي  عمر قيد ۽ ڏنڊ جي  سزا خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي .عدالت دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي . عدالت چيو ته هي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي. عدالت چيو ته ڪيس ٻيهر لاڳاپيل عدالت ۾ هلائڻ گهرجي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار مزمل ۽ ٻين کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.پرائمري استاد جاويد احمد 9 اپريل 2021 تي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو هو.فردياي جو چيوآهي ته مون پنهنجي 12/13 سالن جي ڌيءَ حديقا بابت نازيبا ڳالهيون ٻڌيون هيون. علائقي جي ماڻهن منهنجي ڌيءَ جي واٽس اپ تي اپ لوڊ ڪيل وڊيو ڏيکاري هئي. فريادي جو چوڻ آهي ته پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي ڌيءُ واقعي بابت ٻڌايو ۽ چيو ته هوءَ خوف سبب خاموش رهي. منهنجي ڌيءَ سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي ۽ وڊيو وائرل ڪئي وئي. دهشتگردي ٽوڙ  عدالت 19 جنوري 2023 تي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.