پ پ ڌاڙيلن ۽ جرڳن جي سرپرستي ڪري رهي آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پ پ حڪومت ڌاڙيلن ۽ جرڳن جي سرپرستي ڪري رھي  آھي. آپريشن جي نالي ۾ پوليس آفيسرن کي شھيد ڪرائي ڌاڙيل راڄ مضبوط ڪيو وڃي ٿو. ڪندڪوٽ، ڪشمور، گھوٽڪي، شڪارپور سميت اتر سنڌ جا لکين ماڻھو ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي. جيڪي ماڻھو اغوا ٿين ٿا، اھي لکين روپيا ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته گھارو ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل عورت جو ڪيس وارثن جي مرضي سان داخل ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي پرامن سياسي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڌاڙيل راڄ، سرداري ۽ جاگيرداري جرڳائي نظام کي مضبوط ڪيو ويو آھي، جيڪو عوام جي حقن جي ڳالھ ڪري ٿو ان کي جان محمد مھر، نصرالله گڏاڻي ۽ اجمل ساوند وانگر قتل ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي زرعي معيشت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. حڪمرانن جون معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. ناجائز ٽئڪس مڙھي عوام کي مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙهيو پيو وڃي.

AyazLatifPalijo PPP Sindhgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.