اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق فواد چوڌري جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڳوڻي وزير جو نالو عارضي طور اي سي ايل مان ٻن هفتن لاءِ ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته فواد چوڌري 10 کان 24 آگسٽ تائين پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. ٻئي طرف عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي ۽ اڃا تائين ضمانتون هلي رهيون آهن، جيڪڏهن توهان هڪ ڪيس ۾ ٻاهر نڪتا ته ٻئي ۾ توهان کي گرفتار ڪيو ويندو، اسان جي پراسيڪيوشن برانچ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. هن چيو ته رياستي ڍانچو انهن ادارن تي بيهي ٿو، جيڪي تباهه ٿي رهيا آهن، اهي ئي عدالتن کي تباهه ڪرڻ جي پٺيان آهن، هن وقت تلخيون گهٽائڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي.
 
			