اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيپٽن شهيد

راولپنڊي (م ڊ ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي  جو پتو لڳايو  جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي, آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهيد ٿي ويو. ڪيپٽن محمد اسامه قيادت ڪندي بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. شهيد ڪيپٽن جي عمر 24 سال هئي ۽ ان جو تعلق پنجاب جي شهر راولپنڊي سان آهي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته علائقي ۾ امڪاني دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِپرعزم آهي اسان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.