شاهد خاقان جي ”عوام پاڪستان پارٽي“تي اعتراض داخل

اسلام آباد(م ڊ) هم عوام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين محمد امجد چوڌري اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ورتو، هن عوام پاڪستان پارٽي جي نالي تي اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض داخل ڪرايو آهي.  جنهن ۾ هن چيو ته عوامي پاڪستان پارٽي جو نالو سندس جماعت سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن چيو ته عوام پاڪستان کي پارٽي طور رجسٽرڊ نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ايڪٽ موجب هر سياسي پارٽي جو الڳ نالو هجڻ گهرجي. هن چيو ته هي پارٽي اچڻ سان اسان جي ووٽ بئنڪ تي اثر پوندو. محمد امجد چوڌري چيو ته اسان جي پارٽي کي 5 کان 4 سال ٿي ويا آهن ۽ اسان جو ووٽ بئنڪ آهي جيڪڏهن هڪ نالي سان پارٽي رجسٽرڊ ٿيندي ته اسان جو ووٽ بئنڪ متاثر ٿيندو. واضح رهي ته شاهد خاقان عباسي عوام پاڪستان پارٽي جي نالي سان سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.