ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران ڪيٽي بندر واسي عورت سائره سمون جي قتل واري واقعي بعد وارثن ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ملير جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي، پٽيشن مقتولا عورت جي پٽ صدام حسين سمون پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست جي صورت ۾ داخل ڪئي وئي، عدالت ايس پي ڪمپلين ملير کي نوٽيس جاري ڪندي 13 جولاءِ تي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت پاران حڪم ڪيو ويو ته پٽيشن ۾ پيش ڪيل موقف تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
 
			