سي پيڪ جهڙا منصوبا بلوچ نسل ڪشي ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا: ماه رنگ بلوچ

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بلوچستان ۾ امپيريل ميگا پراجيڪٽس، جهڙوڪ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور بلوچ نسل ڪشي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ترقياتي منصوبن جي اوٽ ۾ بلوچ عوام جو استحصال ڪيو وڃي ٿو. ماه رنگ بلوچ چيو ته 28 جولاءِ تي بلوچ راجي مچي (بلوچ قومي ميڙاڪو)  نسل ڪشي ۽ بلوچ قوم جي بقا لاءِ تاريخي ريفرنڊم هوندو. ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ويندو ته بلوچ قوم نسل ڪشي کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.