ڪابل ( م ڊ ) طالبان عورتن جي سرڪاري ملازمن جون پگهارون گهٽائي ڇڏيون، افغانستان ۾ طالبان حڪومت سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي پگهارن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.افغانستان ۾ 2021ع ۾ قائم ٿيل طالبان حڪومت پنهنجي حڪومت جي باضابطه قيام کانپوءِ عورتن جي ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي ۽ ان کانپوءِ عورتن جي پگهارن ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب افغان ناڻي واري وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ويهڻ ۽ آفيس نه وڃڻ وارين عورتن جي ماهوار پگهار 5 هزار افغاني (20 هزار پاڪستاني) آهي. عورتن کي عليحده جڳهن جهڙوڪ سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي، جتي کين سندن حيثيت مطابق پگهار ڏني ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳ افغانستان ۾ سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي پگهار تقريبن 35 هزار افغاني جيڪي پاڪستاني رپين ۾ هڪ لک 37 هزار رپيا ٿين ٿا ، جنهن ۾ يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ واريون عورتون به شامل هيون.، پورٽ مطابق حڪومتي وزارتن جي ماتحت ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي پگهار پهرين 20 هزار هئي جيڪا طالبان حڪومت اچڻ کانپوءِ گهٽ ڪري 15 هزار افغاني ڪيو ويو آهي.