اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته هن وقت عملي سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، سندس چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي عوام پاڪستان پارٽي جو حصو نه ٿي رهيو آهيان، لاهور ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ تي شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اهي به هن ملڪ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪن. هن چيو ته منهنجي حالت ڏسو، مان گهمي به نٿو سگهان ، مون کي ڪهڙي سياست ڪرڻي آهي، منهنجو في الحال عملي سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي. ان کان اڳ اسد عمر 9 مئي جي ڪيسن ۾ عبوري ضمانت جي درخواست تي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيو. هن عدالت کي استدعا ڪئي ته مان مشڪل سان هتي آيو آهيان، حاضري مڪمل ٿي وئي آهي، مون کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت اجازت ڏئي ڇڏي.