لاهور( م ڊ) لاهور جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس سميت ٽن ڪيسن ۾ عمران خان جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون آهن. پي ٽي آءِ باني خلاف جناح هائوس، عسڪري ٽاور ۽ شادمان ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد 6 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت ٽنهي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.