کير ٿر ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار، آبادگارن پاران شهدادڪوٽ ۾ ريلي، ڌرڻو

شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) کيرٿر ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار،پاڻي جي کوٽ خلاف شھدادڪوٽ ۾ ٽن تعلقن شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان ،سجاول جوڻيجو جي سوين آبادگارن جي ڊي اڳواڻ  مير  مظفر بروهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان شهر جي هائيد پارڪ(ڪوٽو موٽو چوڪ) تي شاميانا کوڙي چار ڪلاڪ ڌرڻو هنيو, ڌرڻي ۾ شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ايس ٽي پي، ايس يو پي، نوجوان بروهي اتحاد سميت شهرين پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي، اڻ موقعي تي مظاهرين پاڻي نه آهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هنيا، جڏهن ته ڌرڻي سبب سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنھن سبب خلق خدا کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب مير ظفر بروهي ۽ ٻين چيو ته محرم الحرام جي هن مقدس مهيني ۾ به آبپاشي کاتي جي عملدارن کير ٿر ڪئنال، سيف الله برانچ ۽ ايس ڪي ٽي برانچ سميت 30 کان وڌيڪ شاخن پتوجا، ڍوري، شهبيگ، قبو،نورپور ۽ سنجر مائينر جو پاڻي بند ڪري يزيد جي پيروي ڪئي آهي، هنن چيو ته جولاءِ جي مھيني ۾ به شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي جنهن ڪري هيل ساريالو فصل پوکڻ مشڪل نظر پيو اچي پر جيڪڏهن پاڻي جي اهڙي اڻاٺ برقرار رهي ته پوءِ آبادگارن جي اربن روپين جي نقصان جي ذميوار پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت هوندي، هنن چيو ته گذريل سال جولاءِ جي مھيني ۾ کيرٿر ڪئنال ۾ 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود هو پر هن وقت 46 سو ڪيوسڪ پاڻي  هلي رهيو آهي جيڪو ساريالي فصل جي پوکي لاءِ ناڪافي آهي، هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو عرش تائين دانهون آهن پر آبپاشي جي سيڪريٽري سميت ٻين آفيسرن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، جيڪا سراسر آبادگار دشمني آهي هنن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪري اسان جا ڪروڙين روپين جا پوکيل ساريالا ٻيجارا سڪي رهيا آهن ۽ اسان جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري فوري طور تي کيرٿر ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري ڏڪار واري صورتحال کان بچايو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن فوري طور تي پاڻي جي کوٽ کي ختم نه ڪيو ويو ته پوءِ جلد لاحعمل جوڙي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي.

kirtharcanal Farmers  protest watershortage

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.