ڪراچي( عوامي آواز نيوز) ريجنٽ پلازه ڪراچي 20- جولاءِ تي بند ٿي ويندو ۽ ان ئي عمارت ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورلاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر جي پنجين وڏي يونٽ طور ڪم ڪرڻ شروع ڪندو، شاهراهه فيصل تي واقع ڪراچي شهر جي وڏن هوٽلن مان هڪ ريجنٽ پلازه، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر جي انتظاميا خريد ڪري ورتو آهي جنهن کي هاڻي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ريجينٽ پلازه شاهراه فيصل تي واقع هڪ تمام شاندار عمارت آهي جيڪا اٺ ماڙ ۽ 400 ڪمرن تي مشتمل آهي. سنڌ انسٽيٽوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر جي ترجمان شبر زيديءَ جو چوڻ آهي ته ريجنٽ پلازا کي خريد ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي خانگي بينڪن مان 10- ارب روپين جو قرض پڻ ورتو ويو آهي. سنڌ انسٽيٽوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر نالي ادارو 1972ع ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ قائم ڪيو هو جيڪو هن وقت چئن مختلف عمارتن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ريجنٽ پلازه جي سنڌ انسٽيٽوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر ۾ تبديل ٿيڻ بعد اهو سنڌ انسٽيٽوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر جو پنجون سينٽر هوندو.
RegentPlazaHotel SIUT Hospital